سنڌ

نوابشاهه ۾ مڊ وائيف جي ٽيسٽ پاس عورتن جو آفر آرڊر نه ملڻ خلاف احتجاج

ضلعي شھيد بينظيرآباد ۾ مڊ وائيف جي نوڪري جي لاءِ ٽيسٽ پاس ڪندڙ عورتن آفر آرڊر نه ملڻ خلاف نجمه، فردوس خاصخيلي، ساجده شاھه، ميري جوزفين ۽ ٻين پريس ڪلب ٻاهران احتجاجي مظاهرو ڪيو. هنن چيو ته ھڪ سال اڳ مڊ وائيف جي نوڪري لاءِ ٽيسٽ پاس ڪئي، ڊي ايڇ او آفيس وارن چيو ته ھڪ مھيني اندر توھان کي آفر آرڊر ڏنا ويندا پر ھڪ سال گذرڻ باوجود اسان کي اڃان تائين آفر آرڊر ناهن ڏنا ويا. ھنن چيو ته اسان مختلف وقتن تي ڊي ايڇ او آفيس نوابشاهه جا چڪر ڪاٽي ڪاٽي ٿڪجي پيا آھيون پر اسان جي ڪير به ٻڌڻ لاءِ تيار ناھي، ھنن مطالبو ڪيو ته اسان کي آفر آرڊر ڏئي روزگار ڏنو وڃي ۽ فاقاڪشي کان بچايو وڃي

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button