سنڌ

لاڙڪاڻي ۾ سول سوسائٽي جو سنڌ ۾ ٿيل بيرحماڻي قتل خلاف احتجاج

سنڌ جي مختلف شهرن ۾ بي رحماڻي نموني قتل ٿيل عورت فهميده سيال، ناظم جوکيو ۽ ارسلان ابڙو جي خونن سان انصاف لاءِ لاڙڪاڻي ۾ سول سوسائٽي جي اڳواڻن معصوم ٻارڙن سان گڏجي پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪرڻ بعد علامتي بک هڙتال ڪئي. ان موقعي تي نصرالله ابڙو، يسار سنديلو معصوم ٻارڙن سنڌو ابڙو، سنڌو سنديلو، رحمان ابڙو، دولهھ دريا خان ابڙو ۽ ٻين سان گڏجي ڳالهائيندي چيو ته افسوس سان چوڻو ٿو پوي سنڌ ۾ غريب ماڻهو لاءِ ڪو قانون ناهي، هتي سرداري ۽ جاگيرداري نظام سبب انڌير نگري چرٻٽ راجا قانون پيو هلي، هر روز وڏيرن، جاگيردارن ۽ سردارن هٿان سنڌ جي ڪنهن نه ڪنهن علائقي ۾ نوجوانن ۽ عورتن جا بي رحماڻا قتل ٿي رهيا آهن، جن واقعن سبب انسانيت جو ڪنڌ شرم کان جهڪي ويو آهي، اسان اهڙن واقعن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي ملڪ جي اعليٰ عدالتن کي اپيل ٿا ڪريون ته اهڙي قتل عام جو فوري نوٽيس وٺي عدالتي ڪميشن جوڙي بيگناهھ قتل ڪيل عورت فهميده سيال، نوجوان ناظم جوکيو ۽ ارسلان ابڙو جي قاتلن کي گرفتار ڪري سخت سزا ڏني وڃي

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button