سنڌ

نوابشاهه مان کنڀي گم ڪيل نوجوان جي بازيابي لا احتجاج

22 ڏينهن اڳ تعلقي ٿاڻي جي حد لانڍي اسٽاپ ڀرسان کنڀي گم ڪيل نوجوان ماجد ڪيريو بازياب نه ٿيو، سندس بازيابي لاءِ سندس ڀائرن عبدالرزاق ڪيريو، عبدالخالق ڪيريو، عبدالقيوم ڪيريو، ساجد ڪيريو ۽ ٻين جي اڳواڻي پراڻي ناڪي سڪرنڊ روڊ کان احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، جيڪا شھر جو گشت ڪندي نوابشاهه پريس ڪلب پھتي. هنن چيو ته اسان جو ڀاءُ ماجد ڪيريو پنھنجي دڪان تي ويٺو ھو ته ٻن ڪارن ۾ سوار 8 ڄڻا ماجد ڪيريو کي زبردستي کڻي ويا جن مان ٻن ڄڻن کي پوليس جي وردي پاتل ھئي، ھنن چيو ته اسان جي عمل خلاف تعلقي ٿاڻي تي اين سي داخل ڪرائي پر 22 ڏينهن گذري ويا، اسان پنھنجي ڀاءُ جي بازيابي لاءِ مسلسل احتجاج ڪري رھيا آھيون پوليس ڀاءُ کي ڳولڻ ۾ ناڪام رھي آھي، ھنن چيو ته اسان جي ڪنھن سان دشمني ناھي، نوجوان کي بازياب ڪرايو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button