بلوچستانپاڪستان

بلوچستان جي 14 رڪني ڪابينا حلف کڻي ورتو

ڪوئيٽا: بلوچستان صوبي جي 14 رڪني ڪابينا حلف کڻي ورتو. بلوچستان ڪابينا جي حلف برداري تقريب گورنر هائوس ۾ ٿي، جتي سيد ظهور احمد آغا صوبائي ڪابينا جي ميمبرن کان حلف ورتو. حلف کڻندڙن ۾ سردار صالح ڀوتاڻي، ظهور احمد بليدي، سردار عبدالرحمان کيتران، نوابزادا طارق مگسي، نور محمد، اڪبر آسڪاڻي، سڪندر عمراڻي، عبدالخالق هزارا، زمرڪ اچڪزئي ۽ محمد خان لهڙي شامل آهن. ان کانسواءِ احسان شاهه، نصيب الله مري، مبين خان خلجي ۽ مير الله بلوچ به صوبائي وزير جي عهدي جو حلف کنيو. وزيرن جي قلمدانن جو نوٽيفڪيشن پوءِ جاري ڪيو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button