سنڌ

لاڙڪاڻي ۾ قتل ٿيل پيرسن عورت جو لاش رکي ڌرڻو

لاڙڪاڻي ويجهو پير شير ٿاڻي جي حد مگسي ٽائون ۾ هڪ ڏينهن اڳ گهرو اڻبڻت تان مڙس هٿان قتل ٿيل پيرسن عورت جي وارثن مقتولا جو لاش ايس ايس پي چوڪ تي رکي قاتل جي گرفتاري ۽ پوليس خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو. ان موقعي تي مقتول جي وارثن آفتاب جتوئي پنهنجي ڀينرن ۽ ٻين مائٽن سان گڏجي دانهيندي الزام لڳايو ته گذريل ڏينهن منهنجي والد ماستر دلدار جتوئي مائٽن جي گهر ۾ ڇٽي جي پروگرام دوران پسٽل جا فائر ڪري اسان جي ما بشيران خاتون کي بيگناهه قتل ڪري ڇڏيو آهي، واقعي جو ڪيس داخل ڪرائڻ لاءِ ٿاڻي تي پهتاسين ته ايس ايڇ او طالب جوڻيجو موجود ئي نه هو ۽ فون تي جڏهن ايس ايڇ او سان رابطو ڪيوسين ته هن چيو مان بلاول ڀٽو جي سيڪيورٽي ۾ آهيان، اوهان انتظار ڪريو، اسان انتظار ڪيوسين، جنهن بعد ايس ايڇ او ڪيس داخل ڪرڻ لاءِ 3 لک رشوت طلب ڪئي، رشوت نه ڏيڻ ڪري ڪيس داخل ناهي ڪيو ويو، جيڪا وڏي ناانصافي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button