ڏوڪري ويجهو ڳوٺ ڪڙيو شيخ مان گذريل ٻن مهينن کان وڌيڪ عرصو گذرڻ باوجود پاڻي نيڪال نه ٿيڻ سبب ڳوٺ مان زميني رابطو به ڪاٽا ٿيل آھي. برسات متاثر ڳوٺاڻن عبدالغني شيخ، يعقوب علي شيخ، نماڻو شيخ، گلان خاتون، سيما خاتون، هاجران خاتون، بچل خاتون، زينب شيخ، گدا شيخ، غلام الله شيخ ۽ ٻين احتجاج ڪندي چيو ته برسات بند ٿيڻ کي ٻن مهينن کان مٿي عرصو گذري ويو پر انتظاميا توڙي چونڊيل نمائندن ڳوٺ مان پاڻي ناهي ڪڍرايو. هنن چيو ته چونڊيل نمائندن توڙي سرندي وارن به هن ڏکي گهڙي ۾ سار سنڀال ناهي لڌي. هنن چيو ته ٻارڙا بکون ڪاٽڻ تي مجبور آھن، ڳوٺ جا سمورا روڊ رستا مڪمل پاڻي هيٺ آھن، هنن چيو تہ معصوم ٻارڙا گيسٽرو توڙي ٻين بيمارين ۾ وٺجي ويا آھن. هنن انتظاميا سميت چونڊيل نمائندن کي اپيل ڪئي ته ڳوٺ ڪڙيو شيخ مان پاڻي نيڪال ڪرائي بيچيني ختم ڪئي وڃي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close