سنڌ

لاڙڪاڻي ۾ پاپوليشن کاتي جي ملازمن جو احتجاجي مظاهرو

لاڙڪاڻي ۾ پاپوليشن ويلفيئر کاتي جي ملازمن ڊسٽرڪٽ پاپوليشن ويلفيئر آفيسر ڪريم بخش ڀٽو جي مبينا زيادتين خلاف قلم ڇڏ هڙتال ڪري پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي آپڪا پاپوليشن سنڌ جي صدر پيرل دايو، محمد شريف عمراڻي، عامر کيڙو، مسز مھتاب ميراڻي، غزالا چنا ۽ ٻين چيو ته هفتي کان رسڪ الائونس، اپگريديشن، ٽائيم اسڪيل، پروموشن، ڪنوينشن الائونس، ٽي اي ڊي اي ۾ اضافي، سرڪاري ۽ رٽائرڊ ملازمن جي پگهار ۾ واڌ خلاف احتجاج ڪري رهيا آهيون، ڊسٽرڪٽ آفيسر ڪريم بخش ڀٽو انتقامي ڪارروائي ڪري 11 ملازمن کي رليو ڪري ڪراچي هيڊ آفيس رپورٽ ڪري وڏي زيادتي ڪئي آهي. هنن وڏي وزير ۽ وس وارن کي اپيل ڪئي ته جائز مطالبا منظور ڪري ڊسٽرڪٽ آفيسر ڪريم بخش ڀٽو کي هٽائي قمبر جي جونيئر آفيسر اورنگزيب ڀٽو کي مليل 3 ڊي ڊي او چارج واپس وٺي کيس هٽائي سپريم ڪورٽ ۽ هاءِ ڪورٽ جي حڪمن تي عمل ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button