سنڌ

نئون ديرو ويجهو ڌاڙيلن سان مقابلي ۾ زخمي ٿيل هيڊ ڪانسٽيبل شهيد

نئون ديرو ويجهو ڏوهارين سان مقابلي ۾ زخمي ٿيل نئون ديرو ٿاڻي جو ھيڊ ڪانسٽيبل صدا حسين ککراڻي اسپتال ۾ زخمن جا سور نه سهندي دم ڏيئي ڇڏيو. ڪانسٽيبل صدا حسين ککراڻي نئون ديرو ٿاڻي جي پير متارو پڪٽ تان ڊيوٽي بعد گھر وڃي رھيو ھو ته ڏوھارين سان 25 سيپٽمبر تي مقابلو ٿيو ھو، جنھن ۾ گوليون لڳڻ سبب زخمي ٿيو ھو، ان باوجود صحت نه سڌري ھئي، جنھن بعد کيس آغا خان اسپتال داخل ڪيو ويو ھو، جتي به بھتري نه اچي سگهي. ڪيترائي ڏينھن وينٽيليٽر تي ھو چار ڏينھن اڳ کيس وارث ڊاڪٽرن جي جواب بعد چانڊڪا اسپتال لاڙڪاڻي ٻيھر داخل ڪيو، جتي ھن دم ڌڻي حوالي ڪيو. صدا ککراڻي پنھنجي پويان 3 پٽ ۽ بيواهه سوڳوارن ۾ ڇڏيا آھن. صداح حسين ککراڻي جي جنازي ڳوٺ مداح ککراڻي ۾ ادا ڪئي وئي، جنازي نماز ۾ ايس ايس پي، ڊي ايس پي احمد بخش راھوجو سميت سوين ماڻهن شرڪت ڪئي. ان دوران پوليس جي دستي سلامي ڏني، جنهن بعد کيس سرڪاري اعزاز سان دفنايو ويو. ھوڏانھن شھيد اھلڪار جا وارث لاش مٿان ھنجون ھاريندا رھيا. ايس ايڇ او نئون ديرو شاھد ميمڻ جو چوڻ آھي ته صدا حسين ککراڻي گشت ڪرڻ دوران ڀونڀٽ پور وٽ ڏوھارين سان مقابلو ٿيو ھو، جنھن ۾ ھو زخمي ٿيو ھو جيڪو زخمن جا تاب نه سھندي فوت ٿي ويو آھي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button