سنڌ

صحافين جي تحفظ لا ڪميشن جي قيام جي منظوري

اطلاعات واري صوبائي وزير شرجيل ميمڻ ڪابينا کي آگاهي ڏني ته سنڌ پروٽيڪشن آف جرنلسٽس اينڊ ٻين ميڊيا پريڪٽيشنرز ايڪٽ 2021ع صوبائي اسيمبلي نافذ ڪيو آهي ۽ ان جو نوٽيفڪيشن آگسٽ 2021ع ۾ ڪڍيو ويو، جڏهن ته قانون بابت نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪيو ويو آهي. شرجيل ميمڻ جسٽس رٽائرڊ رشيد رضوي جي سربراهي ۾ 14 رڪني ڪميشن جو مسودو پيش ڪيو، جنهن ۾ 4 اڳوڻا سرڪاري ميمبر شامل آهن، جن ۾ سيڪريٽري اطلاعات، گهرو سيڪريٽري، قانون وارو سيڪريٽري ۽ سيڪريٽري شامل آهن جڏهن ته 9 غير سرڪاري ميمبر شامل ڪيا ويا، جن ۾ KJU جو فهيم صديقي، APNS جو قاضي اسد، CPNE جو ڊاڪٽر جبار خٽڪ، PBA جو اطهر قاضي، سنڌ بار ڪائونسل جو اياز تنيو، HRCP جو پروفيسر توصيف خان، APA جي شازيه عمر، ايم پي اي سيده ماروي ۽ APNEC جو غلام فريد الدين شامل آهن. ڪابينا ڪميشن جي قيام جي منظوري ڏئي ڇڏي. سيڪريٽري انفارميشن عبدالرشيد سولنگي ڪابينا کي ميڊيا پرسنز ۽ صحافين جي تحفظ واري ڪميشن بابت بريفنگ ڏني ۽ ٻڌايو ته سنڌ پهريون صوبو آهي، جنهن ميڊيا سان لاڳاپيل ماڻهن کي تحفظ ڏنو آهي، صحافي برادري کي تحفظ فراهم ڪرڻ تي سنڌ حڪومت وڏي ڪاميابي حاصل ڪئي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button