اسلام آبادپاڪستان

آرمي چيف مقرري تي پوئتي هٽي ويا آهيون، حڪومت کي جيڪو وڻي سو ڪري:عمران خان

تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان آرمي چيف جي مقرري واري معاملي تي پوئتي هٽڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته اسان پوئتي هٽي ويا آهيون ۽ پوئتي ويهي سڀ ڏسي رهيا آهيون، حڪومت جي جيڪا مرضي هجي اهو فيصلو ڪري، اسان کي ڳالهين لاءِ پيغام موڪليا پيا وڃن پر اسان اليڪشن جي تاريخ گهري آهي، ڇو ته صاف شفاف اليڪشن ئي سياسي بحران جو حل آهي. لاهور ۾ سينيئر صحافين ۽ اينڪر پرسنز سان ملاقات دوران عمران خان چيو ته نواز شريف چاهي ٿو ته ڪو اهڙو آرمي چيف اچي جيڪو سندس معاملن ۽ ڪيسن جو خيال رکي. هن چيو ته ڪو به آرمي چيف اهڙو نه ايندو جيڪو اداري، رياست ۽ عوام جي آواز خلاف وڃي، اسان آرمي چيف جي مقرري واري معاملي ۾ پوئتي هٽي ويا آهيون ۽ پوئتي ويهي سڀ ڏسي رهيا آهيون. آمريڪا سان لاڳاپن بابت ڳالهائيندي اڳوڻي وزيراعظم چيو ته آمريڪا سان جهيڙو ناهي، هاڪاري ۽ بهتر لاڳاپا چاهيون ٿا، آمريڪا واري معاملي ۾ ذاتي مفاد تي قومي ترجيحن کي اهميت ڏيندس. هن چيو ته جنهن ملڪ ۾ قانون جي حڪمراني نه هوندي اهو ڪڏهن به ترقي ناهي ڪندو، رول آف لا سان آزاد قوم ٺهندي آهي جيڪا ملڪ کي ترقي ڏانهن وٺي ويندي آهي. حڪومت سان ڳالهين بابت ڳالهائيندي پي ٽي آءِ چيئرمين چيو ته اسان کي ڳالهين لاءِ پيغام موڪليا پيا وڃن، پر اسان چيو آهي ته اليڪشن جي تاريخ ڏيو، صاف شفاف اليڪشن ئي سياسي بحران جو حل آهي. آمريڪا واري معاملي تي بيان کي غلط طريقي سان پيش ڪيو ويو، آمريڪا منهنجي حڪومت ڪيرائي پر ملڪي مفاد سبب انهن سان سٺا لاڳاپا رهندا. هوڏانهن جهلم ۾ لانگ مارچ کي وڊيو لنڪ ذريعي خطاب ڪندي هن چيو ته اسان اهو چاهيون ته رڳو ننڍو چور جيل ۾ نه وڃي، اسان چاهيون ته صفا شفاف چونڊون ٿين، نئين حڪومت اچي، جيڪڏهن اسان پنهنجي قرضن جي قسط واپس نٿا ڪريون ته ڊالر اچڻ بند ٿي ويندا، اسان چاهيون ٿا ته شفاف اليڪشن ڪرائي ملڪ کي ان ڌُٻڻ مان ڪڍون. هن چيو ته ملڪ کي ڌُٻڻ مان ڪڍڻ لاءِ عام چونڊون ڪرايون وڃن ۽ وڏن چورن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي، آرمي ايڪٽ ۾ تبديلي ڪئي وئي ته ملڪ کي نقصان ٿيندو، پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان لانگ مارچ کي وڊيو لنڪ ذريعي خطاب ڪندي چيو ته نواز شريف ۽ آصف زرداري ڊنل آهن ته چونڊن ۾ هو ٻئي هارائي ويندا، پاڻ کي بچائڻ لاءِ هو ملڪ کي تباهه ڪرڻ چاهين ٿا، چونڊون ان ڪري تڪڙيون نه ٿينديون ڇو جو نواز شريف ۽ آصف زرداري ڊنل آهن ته اهي اليڪشن هارائي ويندا، هي ماڻهو آرمي چيف جي مقرري لاءِ نااهل آهن، مان انهن جي ڳالهه نه پيو ڪريان جن کي ناهي لڳائڻو، مان انهن جي ڳالهه ڪري رهيو آهيان جن کي لڳائڻو آهي، اسان کي ارشد شريف لاءِ انصاف گهرجي، پاڪستان ۾ ڪنهن کيس ڌمڪيون ڏنيون، پتو لڳائڻ گهرجي ارشد شريف ڇو دبئي کان ڪينيا وڃڻو پيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button