سائنس ۽ ٽيڪنالاجي

اسٽيو جابز جا پراڻا سينڊل 4 ڪروڙ 40 لک رپين ۾ نيلام

ايپل ڪمپني جي شريڪ باني اسٽيو جابز جا استعمال ڪيل ۽ گسيل سينڊل 2 لک 18 هزار ڊالر ۾ نيلام ٿيا، اها رقم پاڪستاني ڪرنسي ۾ 4 ڪروڙ 40 لک رپين جي برابر آهي، ڪيليفورنيا جي نيلام گهر ۾ اين ايف ٽي تحت نيلام ڪيل سينڊل ۾ دلچسپي ظاهر ڪندڙ اڻڄاتل شخص 2 لک 18 هزار ڊالر رقم ادا ڪئي. مليل ڄاڻ موجب اسٽيو جابز ڄاڻايل سينڊل ايترا ڀيرا پهريا آهن جو سندس پيرن جا نشان به سينڊل تي رهجي ويا، اهي سينڊل هن 1970ع ۽ 80 واري ڏهاڪي ۾ استعمال ڪيا هئا. واضح رهي ته 2011ع ۾ فوت ٿيل اسٽيو جابز پنهنجي هڪ دوست سان گڏجي ايپل ڪمپني جو بنياد رکيو هو، سندس محنت ۽ سياڻپ سان ڪمپني جا آئي فون ۽ ٻيون شيون دنيا ۾ ڪروڙين ماڻهو استعمال ڪن ٿا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button