پاڪستان

عمران نيازي! گهڻا حوال نه ڪر، گهڙي جون رسيدون ڏيکار:مريم نواز

نواز ليگ جي نائب صدر مريم نواز اڳوڻي وزيراعظم عمران خان کي مخاطب ٿيندي چيو آهي ته توبه زاري! ٻين کي چور چور چوندڙ پاڻ پاڪستان جو سڀ کان وڏو چور نڪتو آهي. ٽوئيٽر تي پنهنجي پيغام ۾ عمران خان جي بيان تي ردعمل ڏيندي مريم نواز لکيو ته عمران نيازي! هيڏانهن هوڏانهن جون ڳالهيون ۽ حوال ڪرڻ ڇڏي ڏئي، رسيدون ڏيکار، اهو ٻڌائي ته گهري ڪنهن کي وڪرو ڪئي، ان شخص جو نالو ٻڌائي ۽ اهو پڻ ٻڌايو وڃي ته پئسو پاڪستان ڪيئن گهرايو ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button