پاڪستانعالمي

سعودي عرب جو پاڪستان کي 38 ڪروڙ 20 لک ڊالر قرض ڏيڻ جو مشروط فيصلو

پاڪستان جا ترقياتي منصوبن لا سعودي عرب کان قرض حاصل ڪرڻ جا معاملا طئي ٿي ويا، سعودي حڪومت 4 ترقياتي رٿائن لا پاڪستان کي 38 ڪروڙ 20 لک ڊالر قرض ڏيڻ جو مشروط فيصلو ڪيو آهي. ذريعن موجب فنڊن لا ٽيڪس ۾ اوتري ڇوٽ ڏني ويندي، جيترو سعودي حڪومت جو شرط هوندو، پاڪستان ۽ سعودي اختياريون جلد معاهدن تي صحيحون ڪنديون. ذريعن جو وڌيڪ چوڻ آهي ته سعودي ولي عهد محمد بن سلمان جي امڪاني پاڪستان ياترا دوران ڪيترن ئي معاهدن تي صحيحن جو امڪان آهي، ان سلسلي ۾ رٿابندي وزارت، ناڻو، پيٽروليم ۽ پرڏيهي معاملن جي وزارتن معاهدن تي ڪم مڪمل ڪري ورتو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button