پاڪستان

لڪي مروت ۾ پوليس موبائيل تي دهشتگردن جي فائرنگ، 6 اهلڪار شهيد

لڪي مروت ۾ دهشتگردن پوليس موبائيل تي فائرنگ ڪري اي ايس آءِ سميت 6 اهلڪارن کي شهيد ڪري ڇڏيو. مقامي پوليس اختيارين موجب لڪي مروت ۾ هفتيوار ميلي دوران پوليس موبائيل سيڪيورٽي جي ڊيوٽي لاءِ وڃي رهي هئي ته موٽر سائيڪل سوار دهشتگردن ڊاڊيولا ٿاڻي جي حدن ۾ موبائيل تي فائرنگ ڪري ڏني، جنهن سبب 6 پوليس اهلڪار شهيد ٿي ويا. پوليس ترجمان موجب دھشتگردن هٿان شهيد ٿيل اهلڪارن ۾ پوليس موبائيل جو ڊرائيور ۽ ڊيوٽي انچارج اي ايس آءِ پڻ شامل آهن، شهيدن جي سڃاڻپ اي ايس آءِ علم دين، سپاهي پرويز، احمد نواز، عبدالله، دل جان ۽ محمود جي نالن سان ٿي آهي. ڊي پي او موجب واقعي بعد دهشتگردن جو گهيرو تنگ ڪرڻ لاءِ سرچ آپريشن شروع ڪيو ويو آهي. ٻئي پاسي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله لڪي مروت واقعي جي مذمت ڪندي چيف سيڪريٽري ۽ آءِ جي خيبر پختونخوا کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. خيبر پختونخوا جي وڏي وزير محمود خان واقعي تي ڏک جو اظهار ڪندي آئي جي پوليس کان رپورٽ گهري ورتي آهي. وڏي وزير چيو ته هي واقعو تمام افسوسناڪ آهي،شهيدن جون قربانيون ضايع نه وينديون، واقعي ۾ ملوث جوابدارن کي سزا ڏني ويندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button