ايران ۾ حڪومت مخالف مظاهرن دوران مڇريل ماڻهن اڳوڻي رهبر اعليٰ ۽ انقلاب جي باني روح الله خميني جي پراڻي گهر کي باهه ڏئي ساڙي ڇڏيو آهي. پرڏيهي خابرو ادارن مطابق ايران ۾ پوليس جي حراست دوران مهسا اميني جي مارجڻ بعد سڄي ملڪ اندر احتجاجي مظاهرا شدت اختيار ڪري ويا آهن، حڪومت مخالف احتجاج ٽئين مهيني ۾ داخل ٿي ويو آهي. ان سلسلي ۾ مڇريل ماڻهن خمين شهر ۾ انقلاب ايران جي باني روح الله خميني جي پراڻي رهائشگاهه جنهن کي هاڻي عجائب گهر ۾ تبديل ڪيو ويو آهي، ان کي باهه ڏئي ڇڏي. سماجي رابطن واري ويب سائيٽ تي وائرل ٿيل وڊيوز ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته خميني جي پراڻي گهر کي باهه ڏيڻ بعد احتجاجي ڪندڙ حڪومت خلاف نعريبازي به ڪري رهيا آهن. ميڊيا مطابق گذريل ڏينهن ايران جي 23 شهرن ۾ احتجاج ڪيا ويا، جنهن دوران سيڪيورٽي فورسز جا 5 اهلڪار مارجي ويا.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close