پاڪستانپنجاب

لانگ مارچ راولپنڊي ۾ 3 کان 5 ڏينهن ترسندو،خيما بستيون اڏڻ جي تياري

تحريڪ انصاف جي لانگ مارچ کي راولپنڊي ۾ 3 کان 5 ڏينهن ترسائڻ جو امڪان آهي، جنهن ڪري تحريڪ انصاف جي ضلعي قيادت ۽ واپارين مارچ ۾ شريڪ ماڻهن لا پنجن ڏينهن تائين روزاني صبح جو نيرن، منجهند ۽ رات جي ماني توڙي رهائش جي انتظامن کي حتمي شڪل ڏيڻ جون هدايتون جاري ڪري ڇڏيون آهن، ان سلسلي ۾ ناشتي ۽ ٻين وقتن تي ماني جي انتظام لا ڪنهن هڪ ڪيٽرنگ ڪانٽريڪٽر بدران 10 ٺيڪيدارن کي ٺيڪو ڏنو ويو آهي، جڏهن ته علامه اقبال پارڪ جي ويجهو باقاعده خيما بستين جي تياري شروع ڪئي وئي آهي. ذريعن موجب تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان جي سڏ کان پوءِ لانگ مارچ اڄ ڇنڇر تي پنڊي شهر ۾ داخل ٿيڻ جو امڪان آهي، جنهن جي عمران خان چاڪ ٿيڻ بعد اڳواڻي ڪندو. لانگ مارچ ۾ شرڪت ڪندڙ ماڻهو روات جي ٽي چوڪ تي ويهندا. مقامي انتظاميا شمس آباد جي علائقي اقبال پارڪ ۾ 80 عارضي واش روم تعمير ڪيا آهن، جڏهن ته ٽيڪسلا ۾ مارچ ڪندڙن لاءِ گهٽ ۾ گهٽ 200 باٿ روم ٺاهيا ويا آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button