پاڪستانسنڌ

ڌرتي جي هُڳاءَ کي پرڏيهه ۾ به وساري نه ٿو سگهجي:شاعر حضور احمد

شاهپورچاڪر: ڌرتي جي هُڳاءَ کي ترقي يافتا ملڪن ۾ رهي ڪري به وساري نه ٿو سگهجي. اهڙو اظهار آمريڪا ۾ رهندڙ شاهپورچاڪر ڄائي اردو جي شاعر حضور احمد شاهپورچاڪر ۾ پنهنجي تازي ڇپيل شاعري جي ڪتاب “گائون ڪي ڇائون” جي مهورتي تقريب ۾ ڪيو. هن چيو ته مون پنهنجي شاعري جي سڀني رنگن ۾ پنهنجي جنم ڀومي کي محور بڻايو آهي. هتان جو ننڍپڻ، گهٽيون، بازارون، دوست ۽ يادون منهنجي زندگي جو اثاثو آهن. ڳوٺاڻي زندگي جو احساس هميشه روح ۾ تازگي بخشيندو رهيو آهي. پروگرام آرگنائيزر سينيئر صحافي الياس انجم چيو ته حضور احمد جهڙا تخليقڪار اسان لا قابل فخر آهن، جن ورهين کان پرديس ۾ رهي ڪري به پنهنجن ماڻھن ۽ ڌرتي کي ساھه سان سانڍيو آهي. پروگرام کي سينيئر صحافي عاجز منگي، صدر پريس ڪلب ڊاڪٽر غلام حيدر ڌامراهه، شاعر رياض ڏاهري، محمد علي پلھه، شاعر رضا ڏاهري، حاجي امجد غوري ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو. ان موقعي تي عطاالله انڙ، زاهد پرويز، راجا سليم انڙ، سليم ڪليار، عامر خان، محمد نعيم، استاد عدنان خان، امتياز ڀرڳڙي، آصف منور ميمڻ، عاشق جهلڻ، سليم ڪليار، توحيد احمد، گلزار ملاح ۽ ٻيا شريڪ هئا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button