پاڪستانسنڌ

سرهاڙي ۾ برسات متاثر گهرن جي سروي کان محروم، تپيدار خلاف احتجاج

سرھاڙي: سرھاڙي لڳ ڳوٺ ماڻو خان جمالي ۾ سنڌ حڪومت پاران اعلانيل گهر سروي ۾ ديھه ماڻو خان جمالي جي تپيدار حبيب رحمان ميمڻ پاران حقيقي برسات متاثرن کي نظرانداز ڪرڻ ۽ مبينا طور رشوت گهرڻ خلاف ڳوٺاڻن احتجاجي مظاهرو ڪيو ۽ نعريبازي ڪئي. اڳواڻن ممتاز خاصخيلي، مختيار خاصخيلي، نظام خاصخيلي ۽ ٻين چيو ته برساتي ٻوڏ ۾ اسان جا گهر ڊهي پٽ پئجي ويا، اسان کليل آسمان هيٺ ويٺل آهيون، سنڌ حڪومت پاران اعلانيل گهر سروي به من پسندن ۽ پئسن تي تپيدار ڪن پيا، جيڪي ھڪ کان 2 ھزار رشوت ڏين ٿا، انهن جي سروي ڪئي ٿي وڃي، اسان جا گهر ڊٿل آهن، اسان وٽ پئسا ناهن، هاڻ ڪيئن سروي ۾ شامل ٿيون. ديهھ ماڻو خان جمالي جو تپيدار حبيب رحمان ميمڻ برسات ۾ ڪريل گهرن جي سروي نه ٿو ڪري ۽ بدتميزي ڪري رشوت گهري ٿو، تپيدار کي ڪو به چوڻ وارو ناهي، تپيدار بااثرن جي چوڻ تي من پسند ماڻهن جي سروي ڪري رهيو آهي. هنن ڪمشنر شهيد بينظيرآباد، ڊي سي سانگهڙ ۽ اي سي شهدادپور کان گهر ڪئي ته نوٽيس وٺي ڪرپٽ تپيدار حبيب رحمان ميمڻ کي هٽائي ڊٿل گهرن جي سروي ڪرائي انصاف ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button