پاڪستانسنڌ

ساڍا 12 ايڪڙ زمين رکندڙ هارين کي في ايڪڙ 5 هزار روپيا ڏيڻ جو فيصلو

ڪراچي: سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه عالمي بئنڪ جي مشاورت سان فيصلو ڪيو آهي ته ساڍا 12 ايڪڙ زمين رکندڙ ننڍن هارين کي ٻج ۽ ڀاڻ لاءِ وڌيڪ رقم ڏني ويندي، جڏهن ته 5 هزار رپيا في ايڪڙ ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ورلڊ بينڪ جي ريجنل ڊائريڪٽر جان روم سان وزيراعليٰ هائوس ۾ ملاقات ۾ ڪيو. جيڪو صوبائي حڪومت پاران ٻوڏ ۾ پنهنجا گهر وڃائڻ وارن ننڍن هارين ۽ گهرن جي سروي لاءِ تيار ڪيل طريقيڪار جو معائنو ڪرڻ لاءِ آيل آهي. اجلاس ۾ چيف سيڪريٽري سهيل راجپوت، چيئرمين پي اينڊ ڊي حسن نقوي، سنڌ جي وڏي وزير جو پرنسپل سيڪريٽري فياض جتوئي ۽ ورلڊ بينڪ جي عبدالرزاق شرڪت ڪئي. جڏهن ته ورلڊ بينڪ جي ڪنٽري ڊائريڪٽر مسٽر ناجي بنهاسين ۽ سندس ٽيم وڊيو لنڪ ذريعي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته ننڍن هارين جو سروي ڪيو پيو وڃي ته جيئن سندن ڄاڻايل مئنيجمينٽ انفارميشن سسٽم ۾ رجسٽرڊ ڪري سگهجي. هن وڌيڪ چيو ته صوبائي حڪومت، وفاقي حڪومت جي سهڪار سان سمورن هارين ۾ 5 هزار رپيا في ايڪڙ ورهائڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ياد رهي ته ورلڊ بئنڪ هارين کي 100 ملين ڊالر ڏيڻ جو واعدو ڪيو. ورلڊ بئنڪ ساڍا 12 ايڪڙ زمين رکندڙ ننڍن هارين لاءِ 5 هزار رپيا في ايڪڙ جي حد مقرر ڪئي آهي. وڏي وزير دوري تي آيل ٽيم سان ان معاملي تي ڳالهه ٻولهه ڪئي.

جنهن ۾ ننڍن هارين کي وڌيڪ رقم ڏيڻ تي اتفاق ڪيو ويو ته جيئن اهي پڻ ڀاڻ خريد ڪري سگهن. وڏي وزير ورلڊ بئنڪ جي ريجنل ڊائريڪٽر کي ٻڌايو ته بورڊ آف روينيو ۽ زراعت کاتي پاران گڏيل طور تي ڪرايل سروي ۾ ساڍا 12 ايڪڙ زمين رکندڙ ننڍن هارين جو تعين ڪيو ويندو. برساتن سبب تباهه ٿيل گهرن جي اڏاوت واري معاملي تي پڻ اجلاس ۾ غور ويچار ڪيو ويو. ورلڊبئنڪ گهرن جي تعمير لاءِ 110 ارب رپيا ڏيڻ جو واعدو ڪيو آهي، جنهن لاءِ طريقيڪار طئي ڪيو ويو آهي. وڏي وزير چيو ته ورلڊ بئنڪ جي سفارش تي پيپلز هائوسنگ ڪمپني قائم ڪئي وئي آهي، جنهن کي نظام ۽ آپريشن ڊولپمينٽ لاءِ 500 ملين رپيا ڏنا ويا آهن. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته سندس ڪابينا 50 ارب رپين جو هائوسنگ پروجيڪٽ شروع ڪرڻ جي منظوري ڏني آهي. هن وڌيڪ چيو ته آپريٽر/پارٽنر اين جي اوز کي هڪ هفتي اندر سسٽم ۾ شامل ڪيو ويندو ته جيئن رقم متاثر ماڻهن ۾ ورهائي سگهجي. سنڌ حڪومت ۽ ورلڊ بئنڪ اڳ ۾ ئي ان ڳالهه تي اتفاق ڪري چڪا آهن ته گهرن جي تعمير شروع ڪرڻ لاءِ پهرين هر هڪ ٻوڏ متاثر کي 50 هزار رپيا ڏنا ويندا ۽ باقي 250000 رپيا گهرن جي ڀتين کڄڻ تائين ڪم مڪمل ٿيندي کين ڏنا ويندا. ورلڊ بئنڪ جي ريجنل ڊائريڪٽر ۽ سندس ٽيم صوبائي حڪومت پاران تيار ڪيل طريقيڪار تي اطمينان جو اظهار ڪيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button