1973ع ۾ جڏھن آئونُ پنج درجا پاس ڪري ڇھين ڪلاس ۾ داخلا لاءِ جوھي ھاءِ اسڪول ۾ ويٺس ته اسڪول کان اولھه ۾ ڪافي پنڌ تي پراڻي جوھي شھر جي ڏکڻ ۾ مندر، ڌرم شالو ۽ مسافر خاني جي نالي تي ڇاپرو، اوڀر ۾ پراڻي بازار، ھندن جون ڇڏي ويل ڊٺل جڳھيون، اتر اولھه ۾ پرائمري اسڪول، اتر ۾ کوهه ۽ وچ ۾ قاديانين جي عبادتگاهه ھئي، جن ۾ نرالي ڪيفيت برپا ھئي. ان وقت ۾ اتي ئي جوھي شھر جي سياست جي وھائو تاري اڪبر جسڪاڻي جي بيٺڪ ھئي، ڪاڇي ڪنڌي جي سياست جي مزاحمتي ڪردار محمد حسن رستماڻيءَ جي ڪچھري ۽ سنگت سان ميل جول جو ماڳ اتي ھو. اتي ئي جوھي شھر جي ڪجهه پڙھيل ڪڙھيل ماڻھن منجھان ھڪ گل محمد سومري جو گهر ھو، جنھن پنھنجي وڏوھر نياڻي پڙھائڻ شروع ڪئي. جوھي ٽائون ڪميٽيءَ جو اڳوڻو چيئرمين علي نواز سومرو انھي گهر جو چشم و چراغ آھي جنھن سنڌي ادب ۽ سياست جي نئين سوچ جا ڪتاب نه فقط پاڻ پڙھيا پر ھن ٻين تائين به پھچايا. انھيءَ وٽان ئي مون کي ايڇ ٽي سورلي جو ڪتاب “سنڌ گزيٽيئر” ھٿ لڳو، جيڪو ھن پوءِ اڪبر جسڪاڻي ميموريل ليبريري کي دان ڪيو. انھي پاڙيءَ ۾ ئي جوھيءَ جي ڪاروباري شخصيت سيٺ محمد بخش ٿھيم جو گهر به ھو جنھن جي موڀي پٽ محمد شريف اڪبر جسڪاڻيءَ سان ٻيلھه ٿي. جوھي شھر کي مختلف سياسي ۽ ادبي سڃاڻ ڏني، جن جي وسيع حلقه اثر جوھيءَ جي وطن دوست ترقي پسند سياست ۽ ادب جي آبياري ڪئي. انھي پاڙي جي اتر واري ڪنڊ تي جوھي ھندن جي ڇڏيل بلڊنگ جنھن جي ديوارن تي موجود الماڙين تي خوبصورت ٻوٽا، گل، جانور چٽيل ھئا، اتي جناح ڪيپ پائيندڙ استاد محمد حسن پنھور سنڌي ٻوليءَ جو گرامر” پريوگ ڪرتري”، “پريوگ ڀاوي” به پڙھائيندو ھو ته ننڍڙن ٻارڙن کي ابو امان بڻجي سندن چيچ پڪڙي کين ماڻھو مان انسان بڻجڻ سيکاريندو ھو. انھي پاڙي جي پراڻي بازار ڏانھن موڙ کائيندڙ ڪنڊ ۾ جوھيءَ جي نرالي ڪردار استاد محمد ابراھيم گنب جو گهر به ھو، جنھن پنھنجي اباڻي ڳوٺ گل محمد گنب کي تياڳي سماج جي انتھائي پٺتي پيل ڪميونٽيءَ مان شادي ڪئي ۽ جڏھن کيس پھرين نياڻي ٿي ته ھن ان کي تعليم سان روشناس ڪرائڻ لاءِ جوھي ھاءِ اسڪول موڪليو ته ننڍڙي شھر ۾ ھو ھوا ٿي وئي. جوھِي جي اھا جُوءِ ۽ پاڙو ھو جنھن ۾ مٿيان ڪردار جڏھن ھڪ ئي عھد ۾ حرڪت ۾ آيا ته جوھي ھڪ مختلف ڊگر تي ھلي پئي ۽ پوءِ ان جي ھڪ سڃاڻ به بڻجندي وئي جيڪا پوءِ جي جوھيءَ جي نرالي ۽ جڳ مشھور سڃاڻپ سان عبارت آھي.
سائين استاد محمد ابراھيم گنب کي جيڪا پھرين نياڻي ڄائي ان جو نالو زليخان ھو، جيڪا نه فقط اسڪول ۾ ڇوڪرن سان گڏ پڙھي، اعليٰ تعليم به حاصل ڪيائين. تعليم پوري ڪرڻ کانپوءِ پھرين فرصت ۾ مسجد اسڪول ميھڙ ۽ پوءِ گرلس ھاءِ اسڪول جوھيءَ ۾ استاد ٿي رھي جنھن سان سندس رشتو 15 نومبر 2022ع تائين موت تائين قائم رھيو. زليخان جڏھن ڇوڪرن جي اسڪول جوھي ھاءِ اسڪول ۾ داخل ٿي ته ساڻس گڏ ھڪ پنجابي ڇوڪريءَ صغريٰ به ڪلاس ۾ داخل ٿي، جيڪا جوھي شھر جي مشھور پڪوڙائي رفيق پنجابيءَ جي نياڻي ھئي، جنھن جا ڪاتر وارا پڪوڙا جوھي شھر ۾ مشھور ھئا. اھا پنھجي ڀاءُ اسلم سميت به ڇھين ڪلاس ۾ ويٺي. تنھن وقت آئون پنج وقت نمازي ۽ مسجدن، مجلسن، اوطاقن ۾ ۽ شادي براد تي مولود ڳائيندو ھئس. اھا سڃاڻ کڻي آئون جوھي ھاءِ اسڪول ۾ پھتس ته انھيءَ جي خبر اسڪول جي ھيڊماستر غلام حيدر سولنگي جنھن جو تعلق سيوهڻ شھر سان ھو، تنھن تائين جڏھن پھتي ته ھن مون کي پنھنجي آفيس ۾ گهرائي ڪرسيءَ تي ويھاري حال احوال وٺڻ کان پوءِ چيو ته آئيندہ اسڪول جي صبح واري اسيمبليءَ ۾ قومي تراني بجاءِ مولود يا نعت ٿيندي جيڪا عبدالحميد يعني تون پڙھندين. مون کي عجيب به لڳو ۽ اھا مولودي ۽ ملان واري سڃاڻ منھنجي شھرت جو ڪارڻ به بڻي ته کل جو ڪارڻ به. مون تي شاگرد کلندا ھئا. ملان ملان چئي ٽوڪيندا ھئا ۽ انھن کلڻ وارن ۾ زليخان ۽ صغريٰ به شامل ھونديون ھيون. اڳتي ھلي مان ڪلاس مانيٽر ٿيس پر سچ اھو آھي ته انتھائي مذھبي گهراڻي سان تعلق ھجڻ ڪري شروع ۾ آئون به نياڻين جي تعليم کي اجايو سمجهندو ھئس ۽ ائين ئي منھنجي ڪلاس ۾ شامل سڀني شاگردن جون ڀينرون ۽ اسان کي تعليم ڏيندڙ اڪثر استان جون نياڻيون به اسڪول ۾ ڪونه پڙھنديون ھيون. نتيجي ۾ اسڪول ۾ ماحول نياڻين جي تعليم جي حق ۾ بلڪل به نه ھو. ڪجھه استاد اھڙا به ھوندا ھئا، جيڪي ڪنھن وقت ڪلاس وٺندي اھڙي ڳالهه به ڪندا رھندا ھئا، جيڪا پنھنجي گهر ۾ نياڻين سان ڪرڻ جهڙي نه ھوندي ھئي پر ان روش باوجود زليخان ۽ صغريٰ ھمت نه ھاري ۽ ھو مسلسل بنا ڪنھن چون چران جي ڪلاس ۾ پنھنجي پڙھائي ۾ مصروف رھيون.
ڪجھه عرصي کانپوءِ ٻولي وارا فساد ٿيا. جوھيءَ مان به اردو ڳالهائيندڙ مھاجرن جي لڏپلاڻ ٿي. ان دوران اسلم پنجابي ته ڪلاس ۾ ايندو رھيو پر سندس ڀيڻ صغريٰ اسڪول اچڻ ڇڏي ڏنو ۽ ائين اسان جي ڪلاس جي در وٽ لائين جي کاٻي پاسي واري پھرين بينچ تي پوءِ فقط زليخان ئي اڪيلي رھجي وئي، جيڪا ٻار مان جواني ڏانھن سفر ڪندڙ ڪلاس فيلوز جي تيز نظرن، طنز تنڪن جو شڪار به رھي ته نياڻين جي تعليم دشمن استادن جي طعني زني جو شڪار به رھي. زليخان ڪنھن سان ھروڀرو نه ڳالھائيندي ھئي، فقط ڪڏھن ڪڏھن مرڪندي ھُئي ۽ ٿورو وڌيڪ مرڪڻ سان سندس ڳلن ۾ چُگهھ پئجي ويندا ھئا، جيڪي ڏاڍا ڀلا لڳندا ھئا. ميٽرڪ کانپوءِ اسان جون راھون الڳ ٿي ويون. گهڻا سال پوءِ ھڪ ڏينھن خبر پئي ته ھن پنھنجي پسند سان جوھيءَ جي ھڪ ننڍڙي زميندار نورل لغاري سان شادي ڪئي آھي، کيس پنج ٻار ٿيا. جن مان ٻه پٽ ۽ ٽي نياڻيون آھن پر پوءِ سندس مڙس به اوچتو ڪنھن بيماري سبب فوت ٿي ويو. ان دوران آئون ڊاڪٽر بڻجي جوھي آيس ۽ نوڪري ۾ لڳس. ان دوران سندس ھاءِ اسڪول ۾ ڪافي ڀيرا وڃڻ ٿيو. 2010ع کان پوءِ ڊينگيءَ جو ملڪ ۾ شور ٿيو آئون ان جو آگاھيءَ جو سيشن ڏيڻ لاءِ صحت کاتي پاران سندس اسڪول ۾ ڊينگيءَ جو سيشن وٺڻ ويس ته ڏاڍي پنھنجائپ سان ملي. ائين پوليو جا قطرا پيارڻ جي آگاھي مھم ۽ واڪ جي سلسلي ۾ سندس اسڪول وڃڻ ٿيندو ھو ته ڏاڍو آدرڀاءُ ڪندي ھئي. ان دوران به سندس مرڪ جڏھن ٽھڪ جي صورت وٺندي ھئي ته کيس اھي ئي ڳلن ۾ چُگھه پوندا ھئا. سندس زندگيءَ جي داستان جو قصو به سندس ٻاروتڻ ۽ ان جي تعليم جيان عجيب غريب ڏکيائين مشڪلاتن ۽ آزمائشن سان ٽمٽار آھي. کيس پھرين نوڪري ملي سا به جوھيءَ کان اسي ڪلوميٽر پري مسجد اسڪول ميھڙ ۾، جتي سندس ڪا ڄاڻ سڃاڻ ڪانه ھئي پر ھن نه فقط اھا نوڪري ڪئي بلڪه پنھنجي مدد سان اسڪول ڀرسان پاڙي اوڙي جي عورتن سان ملي اھو بند ٿيل اسڪول ھلائي ڏيکاريو. ھن جڏھن اھو اسڪول ڇڏيو ته انھي اسڪول ۾ ذري گهٽ 80 ٻار داخل ھئا. ان کان پوءِ ھوءَ جوھي بدلي ٿي آئي ۽ سندس نالو آپا زليخان پئجي ويو. ھوءَ جوھي گرلس ھاءِ اسڪول ۾ نياڻين جي تعليم جي واڌ ويجھه لاءِ سرگرم رھي. جيڪڏھن ڪا ڇوڪري اسڪول اچڻ بند ڪندي ھئي ته ھو کيس نياپا ڪري گهرائي وٺندي ھئي. ان جي مائٽن کي قائل ڪندي ھئي. زليخان اسڪول ۾ سماجي سرگرمين، شاگردن ۾ تقريري مقابلن ۾ خاص دلچسپي ورتي ۽ جوھي جهڙي پراڻ پرست ماحول کي روشن خيال بنائڻ ۾ اھم ڪردار ادا ڪيو. سندس شادي اھڙي گهر ۾ ٿي جتي اڳ ۾ ڇوڪرن جي تعليم ئي گهٽ ھئي پر ھن پنھنجي ٻن پٽن سميت ٽن نياڻين کي يونيورسٽي سطح جي تعليم ڏياري.
جوھيءَ ۾ قائم اڪبر جسڪاڻي ميموريل ليبريري پاران جوھيءَ ۾ مختلف ميدانن ۾ مشڪل حالتن ۾ ڪارناما سرانجام ڏيڻ وارن سان فردن سان “پنھنجن جي پچار” سلسلي ۾ پروگرام ڪرايا ويا ته ھڪ پروگرام جوھيءَ جي ناليوارين چئن عورتن سان به ڊسمبر 2017ع ۾ ملھايو ويو جنھن ۾ آپا زليخان به شرڪت ڪئي. انھيءَ پروگرام ۾ زليخان گنب چيو ته ڇوڪرين جي تعليم تي جوھيءَ جا پڙھيل لکيل ماڻھو بابا ۽ اسان تي ٽوڪون ڪندا ھئا پر بابا ۽ مون ڪڏھن به ھمت نه ھاري ۽ بابا پرائمري استاد ھوندي مون سميت چئني ڀينرن کي اعليٰ تعليم ڏياري. آپا زليخان جي ھڪ ڀيڻ ھن وقت نذرٿ ڪاليج حيدرآباد ۾ ليڪچرر جڏھن ته ٻه ٻيون ڀينر تعليم جي پيشي سان لاڳاپيل آھن.
زليخان گنب جوھيءَ جي اھا عورت ھئي، جيڪا سوشل ميڊيا فيس بوڪ تي پنھنجي اصلي اڪائونٽ تان متحرڪ رھي. سماج ۾ اڀرندڙ روزمرہ جي مامرن تي پنھنجي راءِ ڏيڻ کان اصل نه مڙندي ھئي. سماج کي اڳتي وڌڻ ۽ خاص طور تي عورتن کي سماجي ۽ سياسي ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ اتساھيندي رھي. پنھنجي بابا ۽ امڙ جي موت کانپوءِ اتفاق اھڙو ٿيو جو سندس جيون ساٿي نورل لغاري جنھن سان ھن شادي ڪري ريتن رسمن کي ھُت ڪري بيھاريو ھو، کيس اڪيلو ڇڏي پنج ٻارڙا جهوليءَ ۾ وجھي ھليو ويو ته به ھن ھمت نه ھاري. اڪيلي عورت جوھي جهڙي شھر ۾ پنھنجن ٻارن جي تعليم ۽ نيپاڄ به ڪري ۽ سندن تحفظ به ڪري. سو ھن لاءِ ڏاڍو ڏکيو ٿي پيو ۽ ھن پوءِ ٻي شادي به ڪئي پر مقدر جو کيل اھڙو جو ھوءَ به ٻه مھينا اڳ اوچتو دل جو دورو پوڻ سبب فوت ٿي ويو. وقت گهڻو نڪري ويو ھو. جھد مسلسل ۾ زليخان جا اعصاب شل ٿي ويا ھئا ۽ وقت سان وڙھندي ھوءَ به ٿڪي پئي ھئي ۽ پوءِ ھوءَ به 15 نومبر تي ھيءَ دنيا ڇڏي ھلي وئي پر اھو ضرور ٻڌائي وئي ته عورت پنھنجي تي اچي ته نه فقط سماج جي گندين ۽ تعليم دشمن روين سان وڙھي سگھجي ٿو. پنھنجي پيرن تي بيھي سگهجي ٿو پر پنھنجو اولاد به پڙھائي پاڻڀرو ڪري سگهجي ٿو.
زليخان سان ھم ڪلاسي واري ناتي اھا بدنصيبي چئبي ته کيس جِھل، جھالت، پراڻ پرستيءَ سان جهيڙي ۾ ڪڏھن وانگي نه ٿي سگهيس. ورثي ۾ مليل مولودن جي محفل کانپوءِ جڏھن اڪبر جسڪاڻي، شريف ٿھيم ۽ اسماعيل کوسو ذريعي مارڪس، لينن، مائوزيتنگ ۽ جي ايم سيد جي مجلس ۾ ويھڻ، انهن کي پڙھڻ ۽ پرکڻ ويٺس، تيسين تمام گهڻي دير ٿي چڪي ھئي ۽ زليخان عورت جي پاڻڀري ٿيڻ جي جنگ ۾ اڪيلي سر سندرو ٻڌي تمام گهڻو اڳتي ۽ پري نڪري وئي ھُئي. انھي جنگ ۾ کيس ڏاڍا گهاءُ لڳا جيڪي سھندي ھوءَ روح تائين رھڙجي ويئي ۽ کيس شوگر، “گائوٽ (سنڌن جي سور جو مرض )” ۽ ڦڦڙن ۽ ساهه کڻڻ جھڙيون بيماريون وڪوڙِي ويون ۽ پوءِ نورالعين ۽ قرت العين کي يونيورسٽيءَ مان ماسٽر ڪرائڻ کان پوءِ ٻن پٽن فاروق، آفاق ۽ ھڪ ڌيءَ حرا کي يونيورسٽي سطح جي تعليم ڏيڻ جو ارمان کڻي ھيءَ دنيا ڇڏي ھلي وئي پر جوھيءَ تي پنھنجي ڇاپ ضرور ڇڏي وئي. اھا ڇاپ جيڪا زندگيءَ جي مشڪل ترين گهڙين ۾ جاکوڙ جي ڇاپ آھي، اھا ڇاپ جيڪا عورت جي پنھنجي پيرن تي بيھڻ جي ڇاپ آھي، اھا ڇاپ جيڪا جوھيءَ ۾ فقط زليخان گنب جي ڇاپ آھي. جنھن جي ڀيٽ فقط زليخان سان ڪري سگهجي ٿي. اھا جيڪا ڇوڪري ھئي ته به اڪيلي ھئي ۽ عورت بڻي ته به اڪيلي ئي رھجي وئي. پنھنجي بابا ابراھيم گنب جيان جيڪو به جوھيءَ جي عورت دشمن تعليم دشمن ريتن رسمن سان اڪيلو اڪيلو وڙھندي سرخرو ٿي ويو ھو.