سنڌ

ڳڙهي حسن ويجهو پلاٽ جي تڪرار تان جهيڙو، هڪ ڄڻو زخمي

ڳڙهي حسن ويجهو ٻن ڌرين ۾ پلاٽ تان جهيڙي دوران هڪ ڄڻو زخمي ٿي پيو. ڳڙهي حسن ويجهو دين گڙهه روڊ تي بروهي برادري جي ٻن ڌرين ۾ ملڪيت تان جهيڙو ٿي پيو، جهيڙي دوران شهمير بروهي لٺيون لڳڻ سبب سخت زخمي ٿي پيو زخمي کي وارثن اسپتال منتقل ڪيو. هوڏانهن زخمي جي فرياد تي حملو ڪندڙ عبدالغفار بروهي، عبدالرحمان بروهي، يوسف بروهي مٿان اين اي سي داخل ڪئي وئي. متاثر حملو ڪندڙن مٿان مبينا الزام هڻندي چيو ته جوابدار مونکان موٽر سائيڪل ڦر ڪري رهيا هئا، مزاحمت تي مونکي پسٽل جا بٽ هڻي زخمي ڪيو آهي. ٻئي طرف الزام هيٺ آيل جوابدارن جي ڀاءُ لکمير بروهي ٻڌايو ته ملڪيت جي معاملي تان پراڻو تڪرار هلندڙ آهي، جنهن تان جهيڙو ٿيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button