پاڪستانسنڌ

مسڻ ۾ ٻوڏ متاثر مالوندن ۾ چوپائي مال جو چارو ورهايو ويو

مسڻ وڏي: يوسي مسڻ جي ڳوٺ شاديون ولھار ڀرسان گورنمينٽ هاءِ اسڪول شاديون ولھار وٽ لائيو اسٽاڪ ٽنڊوالهيار ضلعي جي ڊپٽي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر مظهر علي رند، اين جي اوز جي ٽي آر ايف صنم راجپوت، لائيو اسٽاڪ جي ڊاڪٽر معشوق علي لنڊ، ڊاڪٽر عنايت علي ڊيشڪ، ڊاڪٽر الھڏنو ملاح، يوسي مسڻ جي ٻوڏ متاثرن مالوند ماڻھن کي چوپائي مال لاءِ 1380 چاري جون 30 ڪلو وزن رکندڙ ڳٺڙيون ورهايون. ان موقعي تي ڊپٽي ڊائريڪٽر مظھر علي رند چيو ته يوسي مسڻ کان اڳ مختلف يوسيز ۾ ٻوڏ متاثر مالوند ماڻھن ۾ چارو ورهايو آهي. سنڌ ۾ لائيو اسٽاڪ طرفان چارو ورهائڻ سميت بيمار چوپائي مال جو علاج پڻ ڪيو پيو وڃي. اين جي اوز جي ٽي آر ايف صنم راجپوت چيو ته اسان ٽنڊوالهيار ضلعي ۾ ٻوڏ متاثر علائقن ۾ ٻوڏ متاثرن کي سھولتون ڏيڻ سان گڏ مالوند ماڻھن ۾ چارو پڻ ورهايون پيا. ان موقعي تي ڊاڪٽر عنايت علي ڊيشڪ، ڊاڪٽر معشوق علي لنڊ، ڊاڪٽر الھڏنو، عبيدالله ڪاٺيو ۽ راج ڪمار ميگھواڙ موجود هئا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button