سنڌ

ملڪ کي 5 سالن ۾ وياج کان پاڪ ڪري سگهون ٿا: اسحاق ڊار

ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار جو چوڻ آهي ته پاڪستان کي 5 ورهين ۾ وياج کان پاڪ ڪري سگھون ٿا. وياج جي حرمت جي حوالي سان ڪراچي ۾ ٿيندڙ سيمينار کي خطاب ڪندي ناڻي واري وزير اسحاق ڊار جو چوڻ هو ته سڄي دنيا ۾ ڪوشش ڪئي پئي وڃي ته هر شخص کي بئنڪاري نظام سان ڳنڍيو وڃي، بئنڪاري جو نظام زندگي جي ضرورت بڻجي چڪو آهي ۽ بئنڪاري نظام ذريعي شفاف ڏيتي ليتي کي يقيني بڻائي سگھجي ٿو. سندس چوڻ هو ته حڪومت ملڪ مان وياج جي نظام جي خاتمي لاءِ پرعزم آهي ۽ شرعي عدالت جي حرم سود بابت فيصلي جي آجيان ڪريون ٿا، اسلامي بئنڪاري نظام جي حوالي سان اڄ اسان اتي بيٺل آهيون جتي 2018 ۾ بيٺل هئاسين، جيڪڏهن اسان خلوص جي نيت سان رڳو الله جي رضا لاءِ فيصلا ڪريون ته 5 سالن ۾ ملڪ مان وياج جو خاتمو ٿي سگھي ٿو. ناڻي واري وزير جو چوڻ هو ته هن وقت ملڪ ۾ اسلامي بئنڪاري 20 کان 21 سيڪڙو ٿي چڪي آهي ۽ اسلامي بئنڪنگ جا اثاثا 7 ٽريلين رپين جي سطح تي آهن، اسلامي بئنڪنگ جي پراڊڪٽس کي سستو ڪرڻ پوندو، ميوچل فنڊز ۽ انشورنس کي اسلامي بنياد تي آڻڻ پوندو، اسلام بئنڪن کي ڪنونشل بئنڪن کان وڌيڪ بهتر ڪارڪردگي ڏيکارڻي پوندي. اسحاق ڊار جو چوڻ هو ته اسٽيٽ بئنڪ ۽ ٻين بئنڪن وفاقي شرعي عدالت جي فيصلي خلاف اپيلون داخل ڪرايون هيون، جيڪي واپس ورتيون ويون، اسلامي بئنڪاري لاءِ اسٽيٽ بئنڪ ڪم ڪندي، سيمينار جو ٺهراءُ وزيراعظم سان به شيئر ڪندس. وفاقي وزير جو چوڻ هو ته پاڪستان ڪرنٽ اڪائونٽ ۽ بجيٽ خساري کي منهن ڏئي رهيو آهي، اسان آمدني کان وڌيڪ خرچ ڪرڻ جا عادي ٿي چڪا آهيون، اسان کي آمدني وڌائڻي ۽ خرچ گھٽائڻا پوندا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button