بلوچستانپاڪستان

ڪوئيٽا ۾ پوليس ٽرڪ تي آپگهاتي حملو، اهلڪار سميت 4 ڄڻا مارجي ويا،25 زخمي

ڪوئيٽا ۾ بلوچستان ڪانسٽيبلري پوليس جي ٽرڪ تي آپگهاتي حملي سبب ما، پٽ ۽ هڪ اهلڪار سميت 4 ڄڻا مارجي ويا آهن، جڏهن ته 25 کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿيڻ جا اطلاع آهن. تفصيل موجب ڪوئيٽا ۾ بليلي ڪسٽم جي علائقي وٽ پوليس جي ٽرڪ ڀرسان خودڪش ڌماڪو ڪيو ويو، جنهن سبب پوليس جي ٽرڪ، ٽويوٽا ڪار ۽ هڪ مهراڻ ڪار کي پڻ نقصان پهتو، ڌماڪي ۾ 20 کان وڌيڪ پوليس اهلڪار زخمي ٿي پيا، جن کي شروعاتي طبي امداد بعد اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. مارجي ويلن ۾ ماءُ ۽ پٽ سميت هڪ پوليس اهلڪار به شامل آهي، شهيد اهلڪار جي پوليس لائين ۾ جنازي نماز ادا ڪئي وئي. اطلاع تي سيڪيورٽي فورسز ۽ ريسڪيو ٽيم واقعي واري هنڌ پهتي ۽ علائقي جي ناڪابندي ڪري ڇڏي. ٻئي طرف ڊي آءِ جي ڪوئيٽا اظفر مهيسر ٻڌايو ته پابندي مڙهيل تنظيم ٽي ٽي پي جي دهشتگردن بلوچستان جي علائقي بُليلي ۾ پوليس گاڏيءَ تي آپگهاتي حملو ڪيو آهي، پوليس جي گاڏي پوليو ٽيم جي سيڪيورٽي لاءِ وڃي رهيا هئا ته ٽرڪ کي پويان کان رڪشي ٽڪر هنيو ۽ زوردار ڌماڪو ٿي پيو. ڊي آءِ جي مطابق بمبار رڪشي ۾ ويٺل هو ۽ ڌماڪو آپگهاتي هو، جنهن ۾ 20 کان 25 ڪلوگرام بارودي مواد استعمال ڪيو ويو، حملو ڪندڙ جوابدار جو لاش ڪجهه مفاصلي تي پيل مليو. هوڏانهن وفاقي گهرو وزير راڻا ثنا الله ڪوئيٽا ۾ ٿيل آپگهاتي حملي جي شديد مذمت ڪندي بلوچستان حڪومت کان واقعي جي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button