سنڌ

عمران استعيفيٰ ڏئي، اسان مقابلي لا تيار آهيون:بلاول ڀٽو

پ پ چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته عمران خان استعيفيٰ ڏئي، اسان مقابلي لاءِ تيار آهيون، ادارن طرفان سياست ۾ مداخلت نه ڪرڻ جو اعلان ٿيو ته سليڪٽڊ سياستدان پريشان ٿي ويا. ڪراچي ۾ پ پ جي 55 هين يوم تاسيس جي موقعي تي نشتر پارڪ ۾ جلسي کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ان سليڪٽڊ کي مڙهيو ويو، جيڪو آئيني حق کسڻ چاهي پيو، اسان ان جو سياسي مقابلو ڪنداسين، چونڊن جي ميدان ۾ مقابلو ڪنداسين، اسان چيو ته جمهوريت اسان جو انتقام آهي. هن مخالفن کي چيو ته هو نفرت ۽ انتشار جي سياست بند ڪن، ڪٺ پتلين هميشه غير جمهوري قوتن جو ساٿ ڏنو، اڄ سمورن ادارن پنهنجي غلطين جو اعتراف ڪيو آهي، ادارن سياست ۾ مداخلت نه ڪرڻ جو اعلان ڪيو، جنهن کانپوءِ ڪٺ پتلي ڌريون پريشان آهن. ادارا غير جانبدار ٿي ويا، انهن جو مستقبل ڇا ٿيندو؟ هن چيو ته ڪراچي لاءِ پنهنجو ميئر چونڊرائي مسئلا حل ڪرائڻ اسان جو حق آهي، هن شهر جو ميئر جيالو هوندو، اسان هر طبقي کي معاشي انصاف ڏياريو، پ پ هڪ ٻه نه پر ٽن آمرن کي ڀڄايو آهي، اسان نفرت جي سياست تي يقين نٿا رکون. سندس چوڻ هو ته بينظير ڀٽو ڌماڪي کانپوءِ گهران ويهي خطاب ڪري پئي سگهي، بينظير ڀٽو جي پيءَ، ٻن ڀائرن کي شهيد ڪيو ويو، هن به جمهوريت خاطر جان قربان ڪئي، سندس شهادت کانپوءِ جيڪڏهن اسان ڀڃ ڊاهه جي سياست ڪيون ها ته ڪير نه روڪي ها. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته جنگ هارائڻ کانپوءِ 5 هزار ڪلو ميٽر ايراضي اسان جي دشمنن وٽ هئي پر ذوالفقار علي ڀٽو جي ڪوششن جي نتيجي ۾ اها زمين پاڪستان کي واپس ملي ۽ اڄ ان ئي زمين مان “ڪارو سون” ٿر جو ڪوئلو نڪري رهيو آهي ۽ فيصل آباد جون جيڪي صنعتون آهن، اهي ان ئي زمين جي ڪوئلي سان بجلي پيدا ڪري رهيون آهن. پرڏيهي وزير چيو ته فوجي ناڪامي کانپوءِ 90 هزار جنگي قيدي اسان جي دشمن جي ڪئمپ ۾ هئا پر ذوالفقار علي ڀٽو پنهنجي سياست، دانشمندي، ڪامياب پرڏيهي پاليسي سان اهي جنگي قيدي پاڪستان واپس آندا. هن چيو ته پيپلزپارٽي هر آمر جو ڄمي مقابلو ڪيو، اسان جيئي ڀٽو جو نعرو هڻندي يحيٰ، ضيا، مشرف ۽ سليڪٽيڊ کي خدا حافظ چيو. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اسان کي قائد عوام شهيد ڀٽو جهڙِ قيادت گهرجي. جنهن پنهنجي اصولن تي شهادت به قبول ڪري ورتي، موقف تان پٺتي هٽي يوٽرن نه ورتو. هن چيو ته شهيد بينظير ڀٽو جي والد ۽ ٻن ڀائرن کي شهيد ڪيو ويو، انهن آمراڻي دور ۾ جيل جون سختيون برداشت ڪيون پر اصولن تي سوديبازي نه ڪئي. آصف زرداري ملڪ جي تاريخ ۾ سڀ کان وڏي ڊگهي عرصي تائين جيل ۾ قيدي واري زندگي گذاري. شهيد بينظير ڀٽو هڪ ڏينهن به نفرت انتشار جي سياست نه ڪئي. هن چيو ته بينظِير ڀٽو جي بهادري هڪ پاسي ملڪ جي سمورن مرد سياستدانن جي بهادري هڪ پاسي آهي. هن چيو ته اڄ نشتر پارڪ ڪراچي جي شهرين سان ڀريل آهي، هي ان ڳالهه جو اشارو آهي ته انشا الله هن شهر جو ناظم جيالو منتخب ٿيندو. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اسان جو حق آهي ته ڪراچي جو ميئر منتخب ڪريون ۽ مسئلا حل ڪريون. هن چيو ته سڄي ملڪ جي ضلعن ۾ پارٽي ڪنوينشن ٿي رهيا آهن. هن چيو ته پيپلزپارٽي سليڪٽڊ ڊرامي باز کان ڊنل نه آهي. هن چيو ته جيڪڏهن اسان انتشار جي سياست ڪريون ها ته بينظير جي شهادت کانپو مشرف جو سر گهرون ها، شهيد بينظير جون حڪومتون ڪيترائي ڀيرا سازش تحت ڪيرايون ويون پر اسان نفرت جي سياست ناهي ڪئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button