سنڌ

نوابشاهه ۽ ڀرپاسي ۾ قومي عيد خوشيون کڻي آئي، گيتن تي جھمريون

نوابشاهه سميت ضلعي جي مختلف شهرن جا روڊ رستا ثقافتي رنگن جي تصوير بڻجي ويا، سنڌ جا شھزادہ ڪلھن تي اجرڪون اوڍي ٽوپيون ۽ پٽڪا پھري پتنگن جيان ڌرتي تان گهور ٿيندا رهيا، قومي گيتن تي جون زبردست جھمريون هنيون ويون، گلن جھڙن ٻارڙن به سنڌ امڙ سان محبت جا وچن ورجايا. نوابشاہه پريس ڪلب تي شهر جي مختلف تنظيمن، برادرين، سياسي پارٽين ۽ شھرين کانسواءِ ڀرپاسي جي ڳوٺاڻن ثقافتي رنگن ۾ رڱجي قومي عيد کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا. نواب شاهه پريس ڪلب آڏو مک تقريب ۾ شھر جي ننڍن وڏن، پوڙھن پڪن، نوجوانن ۽ معصوم ٻارڙن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪري ثقافت ڏهاڙي کي يادگار بڻائي ڇڏيو. ھر سال جيان ھيل به سڀ کان وڏي ريلي جسقم پاران سڪرنڊ روڊ کان شعبان ماٽي، طارق سمون،سرفراز ميمڻ، علي رضا خاصخيلي ۽ فرمان ملاح جي اڳواڻي ۾ ڪڍي وئي جيڪا شھر جو گشت ڪندي پريس ڪلب پهتي، ايس ٽي پي پاران شاھنواز ڪيريو جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي، جنهن ۾ شريڪ نوجوان قومي گيتن تي جهمريون پائيندا رهيا. ايس يو پي، پيرا ميڊيڪل اسٽاف، جيئي سنڌ محاذ، سنڌي ادبي سنگت، چانڊيا اتحاد، سولنگي قومي موومينٽ، قائد عوام ايمپلائيز ايسوسيئيشن، ملاح فورم ۽ ٻين تنظين طرفان شاندار ريليون ڪڍيون ويون. ان موقعي تي قلندري سنڌ دھل شھنائي گروپ دھل ۽ شرنائي تي مختلف قومي ڌنون ٻڌائي تقريب ۾ آيل ماڻهن کي جهومڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو. صبح کان شام تائين پريس ڪلب روڊ سنڌي ٽوپين ۽ اجرڪن سان جرڪندو رھيو. هوڏانهن قاضي احمد جي اڪيڊمي ۾ ثقافتي پروگرام رچايو ويو، جنهن ۾ استادن سميت شاگرد به ثقافتي ويس پائي آيا، شاگردن قومي گيتن تي رقص ڪيو، تقريرون ڪيون ۽ ٽيبلوز پڻ پيش ڪيا. سڪرنڊ ۾ ثقافت ڏهاڙي جي مک تقريب صحافي چوڪ تي ٿيم جتي سياسي سماجي اڳواڻن ۽ شھرين قومي گيتن تي جھمريون هنيون، معصوم ٻارڙن به ثقافتي ويس پائي تقريب کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا. ايس يو پي تعلقي سڪرنڊ طرفان مرڪزي اڳواڻ فلڪ شير اوڏ، شھمير جمالي، قاسم سومرو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ درگاھه پير ذاڪري کان موٽر سائيڪل ۽ ڪارن جي وڏي ريلي ڪڍي وئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button