سنڌ

تلهار ۾ جيئي سنڌ قومي پارٽي جي ثقافتي ريلي،گلن جي ورکا

جيئي سنڌ قومي پارٽي جي چيئرمين نواز خان زئور، فراز علي سنڌي جي اڳواڻي ۾ ثقافتي ريلي ڪڍي وئي. ريلي ڳوٺ متارو خاصخيلي کان پيادل ۽ موٽر سائيڪلن تي شروع ٿي ۽ 8 ڪلوميٽر جو مفاصلو طئي ڪري تلهار پهتي. رستي ۾ مختلف اسٽاپن تي ريلي جي شاندار ۽ زبردست آجيان ڪئي وئي. ريلي ۾ جسقم آريسر جي ڪارڪنن سميت مختلف پارٽين جي ڪارڪنن شرڪت ڪئي. ريلي ۾ نوجوانن اجرڪ، ٽوپي ۽ پٽڪو پائي قومي گيتن تي جھمريون ھنيون. ريلي جو وک وک تي گلن جي ورکا سان استقبال ڪيو ويو. ان موقعي تي مين حيدرآباد – بدين بس اسٽاپ تي نواز خان زئور خطاب ڪندي چيو ته ثقافت قوم جي اعلى ترين قدرن جو نفيس اظهار ٿيندي آهي. سنڌي قوم هزارين سالن جي سفر ۾ پنهنجو قومي وجود برقرار رکندي آئي آهي، ان جو هڪ اهم سبب سندس شاھڪار ثقافت آهي. ثقافت قوم کي زندهه رکندي آهي. اسان جي قوم ۾ آفتن ۽ مصيبتن کي منهن ڏيڻ ۽ وري مٿي اٿڻ جي سگھه آهي. هڪ وطن ۽ قوم طور ڪير به اسان کي ميساري نٿو سگهي. نواز خان زئور چيو ته اسان جي ثقافت صرف استحصالي قوتن کي نٿي وڻي. انڪري جو زندهه قومن جي ثقافت استحصال، غلامي ۽ ڌارين جي بالادستي جي خلاف هوندي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button