سنڌ

چڪ شهر ۾ ثقافتي ڏهاڙي حوالي سان اسڪول جي شاگردن جي ريلي

چڪ شهر ۾ شاندار تقريب منعقد ڪئي وئي. استاد سوريا سنڌي، سرڪش سنڌي ۽ عبدالجبار مهر جي اڳواڻي ۾ چڪ شهر ۾ ثقافتي ڏهاڙي جي حوالي سان ٿيندڙ مک تقريب منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ سوين شهرين ۽ ڳوٺاڻن شرڪت ڪئي. محمد آباغ واسي محمد يوسف سومرو جي ٻڌايل شاعري تي سمورو پنڊال تاڙين سان گونجي پيو. اڳواڻن ۽ ٻين شهرين سنڌ جي تاريخ ۽ ثقافت جي حوالي سان روشني وڌي وئي، جڏهن ته فقير دلدار اوٺو ثقافت جي ڏهاڙي جي حوالي سان ڪلام چئي محفل کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا. ٻئي طرف ڳوٺ محمدآباغ ۾ سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن جي تعاون سان هلندڙ باک انگلش پبلڪ ها اسڪول جي استاد رحيم داد راهي سومرو، عبدالصمد سومرو، احسان علي سومرو ۽ ٻين استاد جي اڳواڻي ۾ محمدآباغ جي باک انگلش پبلڪ ها اسڪول ۾ تقريب منعقد ڪئي وئي. اسڪول کان محمدآباغ جي شاهي بازار تائين 400 شاگردن ۽ استاد جي صورت ۾ ريلي ڪڍي سنڌ کي ڀيٽا پيش ڪئي وئي. ان موقعي تي استادن چيو ته سنڌ جي ترقي صرف تعليم آهي، تنهن ڪري پنهنجي ٻارڙن کي اسڪولن ۾ داخل ڪرائي تعليم ڏياريو ته جيئن علم جي روشني سان اهي ڪجهه حاصل ڪري سگهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button