پاڪستان

اقتصادي رابطا ڪميٽي روس مان ڪڻڪ گهرائڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي

اقتصادي رابطا ڪميٽي روس مان هڪ لک 30 هزار ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ گهرائڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي، اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته گوادر پورٽ کان سڄي ملڪ ۾ ڪڻڪ جي فراهمي ۽ رسد تي اضافي لاڳت پاسڪو برداشت ڪندو، جنهن جي وصولي ان وقت صوبن کان ڪئي ويندي، جڏهن ته سي پيڪ “پاڪستان انرجي ريوالونگ فنڊ” کي “پاڪستان انرجي ريوالونگ اڪائونٽ” ۾ تبديل ڪرڻ جي منظوري پڻ ڏئي وئي آهي. ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي صدارت هيٺ ڪابينه جي اقتصادي رابطا ڪميٽيءَ جو اجلاس منعقد ٿيو. بجلي واري وفاقي وزير خرم دستگير ان، صنعت ۽ پيداوار واري وفاقي سيد مرتضيٰ محمود، ايم اين اي ۽ اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي، ناڻي واري مملڪت وزير ڊاڪٽر عائشه غوث پاشا، وزيراعظم جي ناڻي واري مشير طارق باجوا، وزيراعظم جي مشير طارق محمود پاشا، وزيراعظم جي مشير ڊاڪٽر محمد جهانزيب خان، وفاقي سيڪريٽرين ۽ ٻين سينيئر آفيسرن اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. جڏهن ته وفاقي وزير سيد نويد قمر، پيٽروليم وارو مملڪتي وزير مصدق مسعود به ان موقعي تي موجود هئا. وزيراعظم جي واپار بابت ڪوآرڊينيٽر رانا احسان افضل، اسٽيٽ بئنڪ جي گورن، ايم ڊي پاسڪوز ۽ ٻين اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري وزارت 30 نومبر 2022ع تي کوليل ستين عالمي ڪڻڪ جا ٽينڊر 2022ع جي ايوارڊ تي هڪ سمري پيش ڪئي. 7 عالمي ٽينڊر ۽ جي ٽو جي آڇ جي نتيجن کي نظر ۾ رکندي اي سي سي ميسرز سيريل ڪراپ ٽريڊنگ جي سڀ کان گهٽ ٻوليءَ جي منظوري ڏني. 16 ڊسمبر 2022ع ۽ 8 فيبروري 2023ع کان کيپ جي مدي لاءِ ڪراچي جي بندرگاهن تي 130000 ميٽرڪ ٽن جي فراهمي لاءِ 372 ملين ڊالر جي ٽو جي بنياد تي روس جي پيشڪش جي منظوري به ڏني. 372 ملين ڊالر سان پهرين فيبروري 2023ع کان 31 مارچ 2023ع تائين کيپ جي مدي لاءِ گوادر پورٽ تي 450000 ميٽرڪ ٽن جي فراهم ڪئي ويندي. فيصلو ڪيو ويو ته گوادر پورٽ تان ملڪ اندر چرپر تي ڪا به اضافي لاڳت پاسڪو برداشت ڪندي جنهن جي وصولي ان وقت صوبن کان ڪئي ويندي. اي سي سي ناڻي واري وزارت جي سي پيڪ انڊيپينڊنٽ پاور پروڊيوسرز لاءِ ريوالونگ فنڊ اڪائونٽ کي “پاڪستان انرجي ريوالونگ فنڊ” مان “پاڪستان انرجي ريوالونگ اڪائونٽ” ۾ تبديل ڪرڻ جي تجويز جي به منظوري ڏني.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button