سنڌ

ايس ايس پي شڪارپور 31 ڪانسٽيبلن کي ترقي ڏيڻ جي منظوري ڏيئي ڇڏي

ايس ايس پي شڪارپور ڪيپٽن رٽائرڊ فيضان علي جي صدارت هيٺ ايس ايس پي آفيس ۾ ڊسٽرڪٽ پروموشن ڪاميٽي جو هڪ اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ڪاميٽي ميمبرن اي ايس پي سٽي سيد فاضل شاهه بخاري، ڊي ايس پي هيڊ ڪوارٽر غلام احمد شيخ، هيڊ ڪلارڪ حاڪم چنو ۽ عمران ڏهر شرڪت ڪئي. گڏجاڻي ۾ مختلف وقتن تي ڀرتي ٿيل 31 پوليس ڪانسٽيبلز کي هيڊ ڪانسٽيبلز جي عهدي تي ترقي ڏيڻ واري فيصلي جي منظوري ڏني وئي آهي. ايس ايس پي جي پريس ترجمان سيد نسيم بخاري رابطي ڪرڻ تي ٻڌايو ته ايڪٽيهه ڪانسٽيبل کي ترقي ڏيڻ جي ايس ايس پي منظوري ڏئي ڇڏي، جلد ڪانسٽيبل کي هيڊڪانسٽيبل جي عهدي تي ترقي ڏني ويندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button