وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته ڌرڻا هڻڻ، روئڻ پٽڻ، مرثيا پڙهڻ ۽ تماشو لڳائڻ مان ڪجهه نه ورندو، ملڪ ۾ تعمير ۽ ترقي نعرن ۽ ڌرڻن سان نه پر سياسي استحڪام سان ايندي، حالتون ايتريون ڏکيون آهن جو جيڪڏهن ٻڌايان چاهيان ته وار ڪانڊارجي وڃن، حڪومت عوام کي سستي بجلي جي فراهمي جي لاءِ قدم کڻي رهي آهي. وزيراعظم منگلا بجلي گهر جي يونٽ پنج ۽ ڇهه جو افتتاح ڪيو، ان موقعي تي خاص مددگار طارق فاطمي، وزيراعظم آزاد ڪشمير تنوير الياس، واپڊا چيئرمين، آمريڪي سفير ڊونلڊ بلوم، يو ايس ايڊ مشن جو ڊائريڪٽر پڻ موجود هئا. افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي شهباز شريف چيو ته پاڪستان مهانگي توانائي برداشت نٿو ڪري سگهي، دوست ملڪن جي تعاون تي انهن جا ٿورائتا آهيون، منگلا ڊيم جو منصوبو پاڪ آمريڪا لاڳاپن جو بهترين مثال آهي، هي واپار ۽ سيڙپڪاري کي فروغ ڏيڻ جو بهترين وقت آهي، ملڪ ۾ تعمير ۽ ترقي نعرن ۽ ڌرڻن سان نه پر سياسي استحڪام سان ايندي، حالتون ايتريون مشڪل آهن جو جيڪڏهن ٻڌايان ته وار ڪانڊارجي وڃن، اتحادي حڪومت ملڪ کي درپيش مشڪل ترين چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ پوري محنت سان ڪم ڪري رهي آهي. وزيراعظم چيو ته اسان کي بهادري سان ڪم ڪرڻو پوندو، قيادت کي به پنهنجو رت ۽ پگهر وهائڻو پوندو، جيڪڏهن ماضي ۾ ڊيم ٺاهيا وڃن ها ته اڄ سستي بجلي موجود هجي ها، پن بجلي، شمسي توانائي ۽ هوا ذريعي بجلي ٺاهڻ تي ڌيان ڏنو وڃي ها ته اڄ اسان جو ٻارڻ جو بل 27 ارب ڊالر نه هجي ها، هڪ ارب ڊالر جي بانڊ بابت گهڻو ڪجهه چيو ويو اسان اها ادائيگي ڪري چڪا آهيون، پاڪستان وٽ ٿرڪول جي صورت ۾ ڪوئلي جو سڀ کان وڏو ذخيرو موجود آهي، 1320 ميگاواٽ جو نئون منصوبو شروع ڪري رهيا آهيون جنهن سان سستي توانائي حاصل ٿيندي. ان موقعي تي وزيراعظم انجنيئر امير مقام جي مطالبي تي ڪوهستان جي ٽن ضلعن ۾ 10 ميگاواٽ جي منصوبن جو به اعلان ڪيو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close