سنڌ

گهارو ۾ شهيد مير مرتضى ڀٽو جي قاتلن جي بريت خلاف مظاهرو

گهارو ۾ پ پ شهيد ڀٽو جي ڪارڪنن شهيد مير مرتضى ڀٽو جي قاتلن جي بريت خلاف ڪارو ڏينهن ملهائي پريس ڪلب اڳيان مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي ميرپورساڪرو جي آرگنائيزر عيسيٰ لاشاري، گل بقا ڀٽ، ذوالفقار ڀٽ ۽ سڪندر چانڊيو چيو ته اڄوڪي ڏينهن تي شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو جي قاتلن کي ڪوڙن ثبوتن جي بنيادن تي آزاد ڪري جمهوريت تي راتاهو هنيو ويو. ان ڏينهن کي پ پ شهيدڀٽو ڪاري ڏينهن طور ملهائي رهي آهي. پاڪستان ۾ جمهوريت جي خالق شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي موڀي پٽ مير مرتضيٰ ڀٽو کي سندس ڀيڻ جي حڪومت ۾ پوليس سرِعام گوليون هڻي شهيد ڪري ڇڏيو پر افسوس ان وقت جي حڪومت ۽ پوليس مڪمل طور قاتلن جي ساٿاري بنجي ڪيس کي ڪمزور ڪري شهيد جي ناحق خون سان انصاف نه ڪري سگهي ۽ قاتل ان ڪمزور ڪيس جو فائدو وٺي بري ٿي ويا. مظلوم خاندان پنهنجي ئي وطن ۾ انصاف کان محروم ٿي ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button