خيبرپختونخوا

ٽنڊو ڄام ۾ زرعي يونيورسٽي جي استادن جو احتجاجي مظاهرو

زرعي يونيورسٽي جي استادن جي تنظيم سنڌ ايگريڪلچر يونيورسٽي ٽيچرس ايسوسيئيشن (سائوٽا) جي سڏ تي سليڪشن بورڊ نه گھرائڻ، پوري پگھار نه ڏيڻ، استادن جي کوٽ، آرڊلي الائونس، ريموريشن ادا نه ڪرڻ سميت ٻين مطالبن جي مڃتا لاءِ يونيورسٽي جي استادن ٻانھن تي ڪاريون پٽيون ٻڌي سائوٽا صدر ڊاڪٽر فھد کوسو، سيڪريٽري ڊاڪٽر خالد ٽالپر، ڊاڪٽر سھيل اوٺو، ڊاڪٽر شبانه تنيو، ڊاڪٽر جاويد شيخ، ڊاڪٽر عبدالمبين لوڌي ۽ ٻين اي ايم شيخ ھال کان ريلي ڪڍي ٽنڊوڄام پريس ڪلب آڏو مظاھرو ڪيو. ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته يونيورسٽي انتظاميا استادن سان ناجائزيون ڪري رھي آھي. 2019ع کان پروموشن لاءِ سليڪشن بورڊ نه گھرايو ويو، جنھن سبب ڪيترن ئي استادن جا پروموشن رڪيل آھن. ھنن چيو ته ڪجھه ڏينھن اڳ استادن جي احتجاج تي انتظاميه پاران 3 ڊسمبر تي سليڪشن بورڊ گھرائڻ جي ڪوڙو آسري ڏئي احتجاج ختم ڪرايو پر سليڪشن بورڊ نه گھرايو ويو. ھنن چيو ته يونيورسٽي ۾ بدانتظامي سبب پيدا ٿيل خساري جو جواز ڄاڻائي استادن کي ھر مھيني اڌوري پگھار ڏني پئي وڃي ۽ ٽن مھينن جي پگھار جو ڊفرنس به اڃا تائين ادا نه ڪيو ويو آھي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button