سنڌ

ڳڙهي ياسين واسي پورهيت جو روڊ جي تعمير نه ٿيڻ خلاف احتجاج

لاڙڪاڻي ۾ ڳڙهي ياسين تعلقي جي ڳوٺ لونگ جعفري جي رهواسي پيرسن پورهيت روڊ جي تعمير نه ٿيڻ خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪيو. ان موقعي تي پيرسن پورهيت هدايت الله عرف هدو جعفري جعفري دانهيو ته ڳڙهي ياسين تعلقي جي ڳوٺ لونگ خان جعفري سميت درگاهه حاجن شاهه ماڙي ڏانهن ويندڙ روڊ ڪيترن سالن کان اکڙيل ۽ ناڪاره بڻيل آهي جنهن تي روزانو حادثا پيش اچي رهيا آهن پر ان باوجود ڪيترائي سال گذرڻ باوجود روڊ ٺهي نه سگهيو ۽ نه ئي قديمي قبرستان جعفرين جي مقام کي چوديواري ڏني وئي آهي. هن چيو ته روڊ جي تعمير لاءِ اسان ڪيترائي ڀيرا ڊي سي شڪارپور سميت معززين کي شڪايتون ڪيون پر ڪير دانهن ٻڌڻ لاءِ به تيار ناهي. هن وس وارن کي اپيل ڪئي ته جلد روڊ ٺهرائي قبرستان کي چوديواري ڏياري بنيادي سهولتون ڏنيون وڃن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button