سنڌ

بٺوري جي صحافي جو مڙهه آلين اکين سان مٽي ما حوالي

ميرپور بٺورو جي سينيئر صحافي مختيار علي زئور کي آلين اکين سان مٽي ماء حوالي ڪيو ويو. خبر موجب ميرپور بٺورو پريس ڪلب جي اڳوڻي صدر ۽ سماجي اڳواڻ جئي سنڌ قومي پارٽي جي چئرمين نواز خان زئور جو ڀا مختيار علي زئور جيڪو گذريل ڏيڍ سال کان ڪينسر جھڙي موذي مرض سان جھڙيندي زندگي جي جنگ ھارائي ويو، کيس سوين آلين اکين سان مٽي ما حوالي ڪيو ويو. سندس جنازي ۾ ارباب وزير احمد ميمڻ، پاشاهه شاهه شيرازي، اسلم خيرپوري، رئيس گهنور خان چانڊيو، ڊاڪٽر قاسم خواجا، محمد علي خواجا، ڏاڏا شورو، عبدالغفور ميمڻ، ڪاشف خواجا سجاد شورو، عرفان خواجا، ڪريمداد چانڊيو، خالد کٽي، ممتاز شورائي، سچل شورائي، عبدالغفور پليپوٽو، اقبال جاکرو، انتظار کٽي، سيد جلال شاهه، عبدالغني ملاح، دانش ديدار پٺاڻ سميت وڏي انگ ۾ صحافين ۽ سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن شرڪت ڪئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button