پاڪستانپنجاب

اسيمبلي ٽوڙڻ اسان جو آئيني حق آهي، ادارا پنهنجي حدن ۾ رهي ڪم ڪن:عمران خان

اڳوڻي وزيراعظم ۽ تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان چيو آهي ته پنجاب جي گورنر جو کنيل قدم غير قانوني آهي، اسيمبلي ٽوڙڻ اسان جو آئيني حق آهي، ادارا پنهنجي حدن ۾ رهي ڪم ڪن. زمان پارڪ لاهور ۾ وڪيلن جي وفد سان ڳالهائيندي عمران خان چيو ته جيستائين قانون جي حڪمراني نه هوندي ملڪ ترقي نٿو ڪري سگهي، آمريڪا جي غلامي مان نڪرڻ لا ملڪ ۾ انصاف جو نظام بحال ڪرڻ ۽ سڀني ادارن جو پنهنجي حدن اندر رهي ڪم ڪرڻ ضروري آهي. هن هڪ ڀيرو ٻيهر الزام هنيو ته ملڪ جي هاڻوڪي معاشي صورتحال جو ذميوار اڳوڻو آرمي چيف جنرل (ر) باجوا آهي، اسيمبليون ٽوڙڻ اسان جو آئيني حق آهي. ٻئي طرف ملاقات دوران وڪيلن عمران خان کي بريفنگ ڏني ته پنجاب جي گورنر پاران وڏي وزير کي اعتماد جو ووٽ وٺڻ جي هدايت ڪرڻ وارو قدم غير قانوني آهي، اسيمبلي ٽوڙڻ ۽ گورنر جي قدم بابت منظور وٽو ڪيس جو عدالتي فيصلو بلڪل واضح آهي. عمران خان وڪيلن کي ٽاسڪ ڏنو ته سڄي ملڪ ۾ قانون جي حڪمراني لاءِ ڀرپور تحريڪ شروع ڪن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button