سنڌ

وارهه ۾ پٽ جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ خلاف پيرسن جو احتجاج

وارهه ويجهو ڳوٺ مڪلاڻي جي رهواسي محرم بليدي پاڪ ڪتاب کڻي پٽ قاتلن جي گرفتاري لا پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو. هن دانهيندي چيو ته ٽي سال اڳ پٽ عامر بليدي کي لعلو رائنڪ ۾ پئٽرول پمپ ويجهو قتل ڪيو ويو هو. وڳڻ پوليس ۽ بااثر وڏيري ڪيس لوڙھڻ لا جوابدارن کي رليف ڏيئي وڏو ظلم ڪيو آهي. ھُن دانهيندي چيو ته اصل جوابدار آزاد گهمي رھيا آھن. ھُن آ جي سنڌ، ڊي آ جي لاڙڪاڻو ۽ وس وارن کان مطالبو ڪيو ته پٽ جي قتل ڪيس جي ٻيھر انڪوائري ڪري اصل جوابدار گرفتار ڪيا وڃن ٻي صورت ۾ پرامن احتجاج جاري رھندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button