سنڌ

باهو کوسو ويجهو اغوا ٿيل نوجوان بازياب نه ٿي سگهيو

باهو کوسو ٿاڻي جي حد مان 12 ڏينهن اڳ اغوا ٿيل نوجوان ذاڪر حسين لاشاري بازياب نه ٿي سگهيو. باهو کوسو ٿاڻي جي حد مگسي ڦاٽڪ ويجهو چمڙي جو واپاري ذاڪر حسين لاشاري 12 ڏينهن گذرڻ باجود پوليس مغوي نوجوان کي بازياب ڪرائي نه سگهي، جاچ ۾ ڏوهارين سان واسطو هجڻ جي الزام ھيٺ گرفتار ڪجهھ ماڻھن کي پوليس آزاد ڪري ڇڏيو. رابطو ڪرڻ مغوي جي چاچي شاهه محمد لاشاري چيو ته مقامي پوليس مغوي جي بازيابي کي ڪمائي جو ذريعو بڻائي ڇڏيو آھي. هن چيو ته ھٿياربندن 50 لک جي گهر ڪئي آھي پر اسان غريب هاري روز ڪمائي پيٽ گذر ڪرڻ وارا ايتري رقم ڪٿان آڻيون. ذاڪر لاشاري وارثن کي چيو ته 50 لک ڀري منهنجي زندگي بچائي وڃي. رابطو ڪرڻ تي ايس ايڇ او باهو کوسو چيو ته مغوي جي بازيابي لا ڪوشش ڪري رهيا آھيون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button