سنڌ

سجاد جعفري کي گرفتار ڪري اينٽي ڪرپشن زيادتي ڪئي:قمر عباس نقوي

لاڙڪاڻي ۾ جعفري امام بارگاهه جي خطيب علامه سيد قمر عباس نقوي ضلعي جي مختلف امام بارگاهن جي متولين سان گڏجي لاڙڪاڻو پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته جعفري امام بارگاهه جي متولي زوار سجاد حسين جعفري جي پراپرٽي جو ڪيس مختلف عدالتن ۾هلي پيو پر تازو اينٽي ڪرپشن پوليس زوار سجاد جعفري جي عزت کي تار تار ڪندي هڪ ڪوڙي ايف آ آر جي بنياد تي کيس گرفتار ڪيو آهي، جنهن معاملي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪريون ٿا. هن چيو ته اينٽي ڪرپشن جنهن رڪارڊ جي ڳالهه ڪري رهي آهي ان کي عدالتن به صحيح قرار ڏنو آهي پر ان باوجود اينٽي ڪرپشن پوليس زيادتي ڪري اسڪول مان گهر واپسي تي زوار سجاد حسين جعفري کي گرفتار ڪيو آهي، جنهن جي ضمانت ڪرائڻ بعد اسان سمورن انجمن سان صلاح مشورا ڪري سڀاڻي وفد جي صورت ۾ انتظاميا سان ملاقات ڪري مطالبو ڪنداسين ته زوار سجاد جعفري کي آزاد ڪري ڪوڙو ڪيس ختم ڪيو وڃي،

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button