سنڌ

ناميارو ڪهاڻيڪار، اسڪالر شوڪت حسين شورو لاڏاڻو ڪري ويو

سنڌي ٻولي جو ناميارو ڪھاڻيڪار، اديب، اسڪالر شوڪت حسين شورو 74 سالن جي ڄمار ۾ ڪرونا وگهي سائوٿ سٽي اسپتال ڪراچي ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. مرحوم ڪرونا جي ٻيهر حملي سبب ڪراچي جي ھڪ اسپتال ۾ علاج ھيٺ ھو. مرحوم سجاول ڀرسان شورا ڳوٺ ۾ 1947ع ۾ جنم ورتو. سندس تدفين اڄ ڄامشورو ۾ ڪئي ويندي. مرحوم ڄامشورو ڪالوني ۾ رهائش پذير هو. مرحوم سنڌي ٻولي جي بااختيار اداري حيدرآباد جي بورڊ آف ڊائريڪٽر جو ميمبر هو. مرحوم سنڌ يونيورسٽي مان تعليم مڪمل ڪرڻ بعد يونيورسٽي ۾ ويلفيئر آفيسر ٿي رهيو. جنهن بعد سنڌيالاجي شعبي جو ڊائريڪٽر رهيو. مرحوم پنهنجي زندگي ادب جي خدمت ڪندي گذاري. سندس ڪهاڻين جا ڪيترائي ڪتاب ڇپيل آهن. شوڪت حسين شوري جي لاڏاڻي سنڌ جي اديبن شاعرن ڪھاڻيڪارن ۾ ڏک جي لھر ڇانئجي وئي آھي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button