سنڌ

ناظم جوکيو جي قتل خلاف سنڌ سراپا احتجاج،ڏيئا روشن،مظاهرا

حيدرآباد (نمائندن وٽان) سنڌ جي علمي، ادبي، سياسي، سماجي، ثقافتي ۽ صحافتي شعور رکندڙ ساڃاهه وندن ۽ قومپرستن ڏيئا ٻاري شهيد ناظم جوکيو کي ڀيٽا پيش ڪئي ۽ مختلف شهرن ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا. ان ڏس ۾ ڪالهه حيدرآباد ۾ شهيد ناظم جوکيو کي ڀيٽا پيش ڪرڻ جي مک تقريب پريس ڪلب آڏو ٿي، جتي ناظم جوکيو جون تصويرون رکي ميڻ بتيون روشن ڪيون ويون ۽ کيس گلن توڙي لفظن ۽ جذبن جي ڀيٽا به ڏني وئي. تقريب ۾ نامياري دانشور مشتاق ميراڻي، نامياري اديب نصير مرزا، ايڇ آر سي پي جي اڳواڻ امداد چانڊيو، غفرانه آرائين، پروفيسر عبدالحميد چانڊيو، پروفيسر انعام ڀٽي، فهيم نوناري، قومپرست اڳواڻ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، سنڌي ادبي سنگت جي سيڪريٽري جنرل احمد سولنگي، نامياري براڊ ڪاسٽر نصير مرزا، فشر فوڪ فورم جي اڳواڻ مصطفيٰ ميراڻي، عزادار رابطا ڪميٽي جي چيف آرگنائيزر زوار عبدالستار درس، شاعر ديدار شاد گوپانگ، انو سولنگي، ڀٽائي آرٽس ڪائونسل جي سربراهه رفيق عيساڻي، سنڌ رواداري جي اڳواڻ پنهل ساريو، جي يو آءِ جي صوبائي اڳواڻ مولانا تاج محمد ناهيون، اعظم جهانگيري، آصف کوسو، عوامي تحريڪ جي نور احمد ڪاتيار، قومي عوامي تحريڪ جي اشرف پليجو، ايس ٽي پي جي غلام محمد رند، فنڪشنل ليگ جي رفيق مگسي، ايس يو پي جي ڊويزنل صدر خدا بخش ٿيٻو، سنڌي عورت تنظيم جي سربراهه نذير قريشي، وومين ايڪشن فورم جي حسين مسرت شاهه، حيدرآباد پريس ڪلب سيڪريٽري اقبال ملاح، حيدرآباد يونين آف جرنلسٽ جي اڳواڻ جاني خاصخيلي، سينيئر صحافي فاروق سومرو، ڪالم نگار ۽ صحافي عزيز سولنگي، شاعر امين ارباب، ريڊيو پاڪستان جي پروڊيوسر خالد چانڊيو، ڪمپيئر علي عمران سمون، وڪيل عجب گل کوسو، محسن ڀنڊ، اسد فيض کوسو، محفوظ علي ميمڻ، محمد رمضان ميمڻ، شهناز راهوجو شرڪت ڪئي. نامياري راڳي انو سولنگي وائي ڳائي ڪئي کيس راءِ جي اظهار جي آزادي جو شهيد قرار ڏنو ۽ مطالبو ڪيو ته سنڌ ۾ هر قسم جي شڪار تي پابندي مڙهي عربن جي شڪار واسطي سنڌ ۾ داخلا بند ڪئي وڃي. هوڏانهن ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن پاران صدر محمد آصف شيخ، لال بخش ڀرڳڙي، محفوظ شيخ، رزاق بروهي جي اڳواڻي ريلي ڪڍي وئي. اها ريلي ڊسٽرڪٽ ڪورٽ ۾ ڪڍي وئي جنهن ۾ وڪيلن جي وڏي انگ ڪارا ڪوٽ پائي شرڪت ڪئي. ٿري فورم سنڌ ۽ سول سوسائٽي پاران گڏيل طور قاسم آباد جي نسيم نگر چوڪ تي تقريب ۾ محبوب ابڙو، پنهل ساريو، طارق رند، قربان نهڙيو ۽ ٻين شهيد جي تصويرن آڏو ڏيئا ٻاريا ويا. مٺي ۾ مختلف سياسي تنظيمن ۽ سول سوسائٽي جي اڳواڻن پاران صادق فقير چوڪ کان وڏي ريلي ڪڍي شهيد ناظم جوکيو کي ڀيٽائون پيش ڪرڻ لا ڪشمير چوڪ تي ڌرڻو هنيو ويو، ريلي ۾ جماعت اسلامي، قومي عوامي تحريڪ، ايس ٽي پي، عوامي تحريڪ، ايس يو پي، بي آء ايف اي جي پي، جي يو آء، جا اڳواڻ ۽ وڪيل صحافي ۽ شھري عبدالسبحان سميجو، گهنشام مالهي، شاهنواز هنڱورجو، ڪامريڊ گومون ڀيل، عمر انڙ، ممتاز نهڙيو، فقير ارشاد ڪنڀار، ڊاڪٽر دليپ دولتاڻي، اعجاز بجير، ڊاڪٽر غلام الله بچاڻي، اڪبر درس، نهال سوراڻي، ڪرشن ميگهواڙ، مير محمد بليدي، رمضان لنڊ شريڪ ٿيا.
سنڌڙي جي شھرين پاران پريس ڪلب اڳيان فيروز شر، سوشل ورڪر عبدالمالڪ شر، نرسنگ مينگھواڙ احتجاج ڪيو ويو. نئون ڪوٽ ۾ سنڌ ترقي پسندپارٽي،عوامي تحريڪ، اي جي پي ۽ سول سوسائيٽي طرفان خواجه چوڪ کان اسٽيشن روڊ تائين گڏيل احتجاج ڪيو ويو، سماجي اڳواڻ رمضان لنڊ، رحمان نهڙيو، عبداللطيف چانڊيو، موسيٰ احمداڻي شرڪت ڪئي. ايس ٽي پي شھدادپور طرفان لطيف پارڪ کان احتجاجي ريلي ضلعي صدر علي ڏنو خاصخيلي، ضلعي اڳواڻ ڪامريڊ جعفر سنڌي، تعلقي صدر محمد رفيق جلالاڻي، جنرل سيڪريٽري جعفر بروهي، ڊاڪٽر دلبر بڙدي، احمد علي عمراڻي، وقار لغاري، راجا شيدي احتجاج ڪيو ويو. نيوسعيدآباد ۾ انور ٻرڙو، سهيل قريشي، عبدالواحد عمراڻي، امتياز ميمڻ، ياسين ڪيريو، حاجي وارث ميمڻ، شفيع محمد ميمڻ، سڪندر سهتو، عبدالحق سمون، شوڪت ميمڻ، ڄام شھزاد سمون، سڪندر سمون، غلام مصطفيٰ رند ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي ويئي.قومي عوامي تحريڪ تعلقي گولاڙچي پاران پير فراز شاھه، گيانچند مھيشوري، حسام نظاماڻي، رميش راجاڻي، محرم اياز خاصخيلي، علي اڪبر کوسو، ناز مٺو مل، شاعر مير محمد نظاماڻي، ڌڻي بخش خاصخيلي، سائين بخش خاصخيلي، اشوڪ ڪمار، راجو مھيشوري، موھن لعل احتجاج ڪيو. هوڏانهن ڀٽائي جي درگاهه آڏو شهيد ناظم جوکيو کي ميڻ بتيون ٻاري ڀيٽا پيش ڪئي وئي، سول سوسائٽي ۽ ڀٽائي جي راڳي فقيرن ۽ صحافي برادري اياز ميمڻ، شڪور ناز خاصخيلي، عبدالرشيد ڏيٿو، شفقت شاهه، فقير محمد اسماعيل ميرجت، محمد رحيم سوڍڙو، محمد رشيد رند، راجا وزير سنگراسي،ذوالفقار سومرو، راجا حيدر بخش وساڻ، اختيار علي ميرجت، امير علي بليدي، غلام مصطفيٰ چانڊيو، رجب علي بوزدار ۽ ٻيا شريڪ ٿيا. ٽنڊوباگو ۾ شهيد ناظم جوکيو جي تصوير اڳيان ننڍڙين نينگرين دعا زهره، تسڪين زهره، سورٺ جروار، رخسانا چانڊيو، عليشا، حديقا فاطمه عين علي، علي زيب خواجه ۽ ٻين ڏيئا ٻاري ڀيٽا پيش ڪئي. لاڙڪاڻي ۾ عام آدمي سٿ طرفان تعزيتي ميڙاڪو ڪوٺايو ويو، ميڻ بتيون ٻاري گل نڇاور ڪيا. اڳواڻن محمد بقا تونيو، ڊاڪٽر طارق سومرو، عاشق ٻوسڻ، ناظم چانڊيو، ارباب مگسي، قادر بخش ڪمانگر شريڪ ٿيا، ٽنڊوباگو ۾ پريس ڪلب جي صدر نصرالله جروار ۽ امين سنڌي، انور عباسي، احسان چانڊيو جي اڳواڻي ۾ باگو واهھ جي پل کان ريلي ڪڍي وئي. ان موقعي تي پروفیسر ڊاڪٽر محمد اسماعيل ميمڻ، خان صاحب جمالي، امين سنڌي، فيض اڍيجو، عبدالڪريم بليدي، جمن شاھه، نصرالله جروار، جيون ڪمار ۽ ويرو مل مورواڻي ڀيٽا پيش ڪئي. سنڌي ادبي سنگت شاخ نصيرآباد جي سيڪريٽري اديب ننگر چنا، ڪامريڊ سينگار نوناري، پروفيسر ستار سومرو، اظهر (امر) منگي، ڪامريڊ ابراهيم چانڊيو، استاد جاويد ڳنواس ۽ ٻين ميڻ بتيون ٻاريون ويون. ترقي پسند پارٽي تعلقي نوابشاهه پاران ٻئي ڏينهن به شاھنواز ڪيريو، رستم شاھه، عاقب ڏاھري ۽ ٻين احتجاجي مظاهرو ڪيو. ٺري ميرواھه ۾ ڪسان مزدور اتحاد پاڪستان جي چيئرمين سرفراز حسين، ھيومن رائيٽس پروٽيڪشن فورم جي وائيس چيئرمين منظور حسين دستي، منظور حسين شاھه، الھنواز دستي، پرويز علي ڀٽي، رجب علي شر غلام نبي اسلامي، امير جوڳي، راضي ديرو يوٿ فورم جي اڳواڻن ارشاد علي سيال، علي رضا جکڙ، امجد گلال، قمبر سومرو، شڪيل ڪلهوڙو، مشتاق ميمڻ پيادل ريلي ڪڍي. پريس ڪلب سڳيون اڳيان شهيد ناظم جوکيو جي تصوير آڏو گلاب جا گل رکي ميڻ بتيون ٻاريون ويون. صالح پٽ ۾ يونين آف جرنلسٽ صالح پٽ جي صدر علي گوهر بهڻ، هيومن رائٽس ضلع سکر جي اڳواڻ نريش ڪمار، سجاڳ نوجوان اتحاد جي اڳواڻ غلام حسين ڀنڀرو، شهري اتحاد اڳواڻ رانجهن شنباڻي، صحافين ثقلين شنباڻي، عزيز شنباڻي ۽ ٻين ڏيئا روشن ڪري خراج تحسين پيش ڪيو. جروار ۾ به ڏيئا ٻاري ڀيٽا پيش ڪئي، صحافي اتحاد خيرپور جي صدر غلام حسين چانگ، قوم پرست اڳواڻ ڪرم سامٽيو، مجيب ڀيلار،منعان ميمڻ، الفت سهتو، آبادگار اڳواڻ ڪامريڊ خدا بخش سهتو، صحافين شمن راڄپر، عبدالجبار چانگ، سجاد آرائين فياض شيخ، عبدالستار چانگ ميڻ بتيون ٻاري ڀيٽا پيش ڪئي. ٿاڻوبولاخان ۾ به گلن جي ورکا ڪئي وئي. ان موقعي تي صحافي سھيل يوسف ميمڻ، نديم ميمڻ، صدر امتياز مڱڻھار، نوري آباد پريس ڪلب ۾ صحافين آصف پالاري، جميل خاصخيلي، اسد علي پالاري، فريدآباد ۾ راجا انور چانڊيو، محمد اسحاق چانڊيو، امين بروهي، فنڪار پنھل فقرا ۽ ٻين ريلي ڪڍي سٽي گيٽ چوڪ تي ڏيئا ٻاريا. جوهي جي شهيد مخدوم بلاول پارڪ ۾ صحافي حاڪم علي لغاري، ايم بي ٻٻر، پيربخش ٻٻر،منصور گاڏھي، وفابرهماڻي ۽ ٻين شهيد ناظم جوکيو جي تصوير اڳيان ميڻ بتيون ٻاري ۽ گلن سان ڀيٽا پيش ڪئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button