سنڌ

ٽنڊو محمد خان ڀرسان گم ٿيل نوجوان جو سسي ڪپيل لاش مليو

ٽنڊو محمد خان ڀرسان ڳوٺ ارباب حاجي محمد سمون جي رهواسي 40 سالن جي نوجوان محمد بخش پٽ علي محمد ڍول جو سسي ڪپيل لاش ڳوٺ ڀرسان ڪمند جي فصل مان مليو. اهڙي اطلاع تي تعلقي ٿاڻي جي پوليس پهچي لاش کڻائي سرڪاري اسپتال آندو، جتي پوسٽ مارٽم ڪرڻ بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو. هوڏانهن واقعي بعد گهر ۾ ڪهرام مچي ويو. ان موقعي تي ڀائرن بهاول ڍول، حاجي ڍول، نور محمد ڍول اسپتال ٻاهران سندن ڀاءُ جي قتل واقعي خلاف احتجاج ڪندي الزام هنيو ته 11 ڏينهن اڳ اسان جي ڀاءُ جو جاني سمون سان معمولي ڳالھه تان جهيڙو ٿيو هو، جنهن جو فيصلو ٻئي ڏينهن رکيل هو پر مخالف ان فيصلي ۾ نه آيا، انهي ڏينهن جي شام کان اسان جو ڀاءُ محمد بخش ڍول گم ٿي ويو. اڄ ڀاءُ زمين تان گاهه ڪرڻ ويو ته ڳوٺاڻن ٻڌايو ته ڪمند ۾ نوجوان جو لاش پيل آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button