پاڪستانسنڌ

ابراهيم جويو علم، ادب ۽ ثقافت جو سج رهيو آهي:محسن جويو

شاهپورچاڪر: ابراهيم جويو ادب، علم، ثقافت ۽ شعور جو سج رهيو آهي. اهڙو اظھار سنڌ جي نامياري اديب محسن جويو شاهپورچاڪر پريس ڪلب ۾ سجاڳي فورم پاران ڏاهي ابراهيم جويو جي ڪوٺايل چوٿين ورسي جي تقريب ۾ ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته جويو صاحب سنڌ جي اڏيندڙن، ڳنڍيندڙن ۽ ڏيندڙن ۾ شامل آهي. هو عورت جي آزادي جو قائل هو ۽ عملي طور ان جو مظاهرو به ڪيو. سندس ڏنل پيغام ۽ ڪم کي اپنائڻ جي هن وقت اهم ضرورت آهي. سنڌ جي بقا لا ابراهيم جويو پاڻ ارپيو. هو پنهنجي ذات ۾ هڪ مڪمل ادارو هو، جتان اسان کي اها واٽ ملي ٿي، جيڪا سنڌ جي ترقي جي ضامن هوندي. تقريب کي خطاب ڪندي يوسف جويو چيو ته ابراهيم جويو جي هر تقرير، تحرير ۽ عمل جو محور سنڌ ۽ سنڌ جا ماڻهو رهيا، هو ڪڏھن به ڪنهن مرحلي تي مايوس نه ٿيو ۽ نه ئي ٿڪيو، سدائين جدوجهد جي عمل ۾ رهيو. ابراهيم جويو پاڻ کي ڌرتي ۽ ان جي ماڻھن لاءِ ارپي ڇڏيو، ان لاءِ سنڌ جو شعور کيس وساري نه سگهندو. ورسي تقريب کي محمد علي پلهھ، يار محمد سومرو، حسين سارنگ، عابد چنا، عاجز منگي، رضا ڏاهري، عطاءُالله انڙ، دائود ڏاهري، شاهنواز عمراڻي ۽ ٻين خطاب ڪري ابراهيم جويو جي زندگيءَ تي روشني وڌي. ورسي پروگرام ۾ قائم الدين انڙ، عبدالحميد ڏاهري، شاهد ميمڻ، سليم ڪليار، بابر ڏاهري، امجد منگي، آڪاش ڏاهري، فقير محمد ڏاهري، اعجاز ڏاهري ۽ ٻين شرڪت ڪئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button