ننگرپارڪر/ مٺي/ ڇاڇرو : ننگرپارڪر ۾ تعلقي اسپتال جي ٽي ايڇ او ڊاڪٽر چوني لال ڪولھي کي ڊي سي ۽ ڊي ايڇ او ٿرپارڪر طرفان ڪراچي رپورٽ ڪرائڻ خلاف شھرين شٽر بند ھڙتال ڪري پريس ڪلب آڏو مظاهرو ڪري ڌرڻو ھنيو. ڊاڪٽرن ۽ ملازمن او پي ڊي بند ڪري اسپتال کي تالا هڻي احتجاج ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي شھرين چيو ته ننگرپارڪر ۾ ايمانداري سان ڊيوٽي ڏيندڙ ۽ غريب مريضن جو علاج ڪندڙ ڊاڪٽر کي ڪوڙن الزامن تحت ھٽايو ويو آھي، ڊي سي ۽ ڊي ايڇ او طرفان بدلي ڪيل ٽي ايڇ او ڊاڪٽر چوني لال احتجاج ڪندي چيو ته مون پنھنجي فرض ۾ ڪابه ڪوتاھي ناھي ڪئي، مون ڪرونا مهم جي وئڪسين لا گاڏين ۽ تيل جا پئسا گھريا ته ڊي ايڇ او مون تي تپي باهھ ٿي ويو. ھن چيو ته ڊي سي کي ڊي ايڇ او چيو ته ھي ماڻھو ڪم جو ناھي، ڊي سي منهنجي ميٽنگ ھال ۾ ماڻھن آڏو بيعزتي ڪئي ۽ مون کي سزا طور ميٽنگ ھال ۾ بيھاري ڇڏيو. ھن چيو ته آئون 19 گريڊ جو آفيسر آھيان، پر منھنجي ڪابه عزت نٿي ڪئي وڃي، مون ڪرونا وئڪسين ۾ گاڏين جا ڪرايا ۽ تيل خرچ ڪيو، ان جا پئسا نٿا ڏنا وڃن. ٻئي طرف مسلسل ٻن ڏينھن تائين اسپتال بند ھجڻ سبب مريض سخت پريشاني کي منھن ڏئي رھيا آھن. اسپتال جي عملي ڊي ايڇ او ۽ ڊي سي کي ھٽائڻ جي گھر ڪئي. هوڏانهن مٺي سول اسپتال جي ڊاڪٽرن ۽ عملي پڻ او پي ڊي جو بائيڪاٽ ڪري اسپتال اندر احتجاجي مظاهرو ڪري ڊي سي ۽ ڊي ايڇ او خلاف نعريبازي ڪئي. او پي ڊي جي بائيڪاٽ سبب سوين مريض دربدر ٿي واپس روانا ٿي ويا، ڊاڪٽرن ۽ عملي او پي ڊي جي بائيڪاٽ بعد اسپتال جي احاطي ۾ ٻانهن تي ڪاريون پٽيون ٻڌي احتجاج ڪيو. ان موقعي تي ڊاڪٽر صاحبڏنو جنجهي، ڊاڪٽر دليپ ننداڻي، ڊاڪٽر ساجن، ڊاڪٽر اميت ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته ننگرپارڪر تعلقي جي مسيحا ڊاڪٽر چوني لال ڪولهي کي بدلي ڪري ڪراچي رپورٽ ڪرائڻ صحت کاتي جي اختيارين جو شاهي حڪم سمجهون ٿا، ڊي سي ۽ ڊي ايڇ او ڊاڪٽر چوني لال کي دربدر ڪيو آھي، ٿر جا ڊاڪٽر اڻپورين سهولتن ۽ وسيلن باوجود ڪورنا وئڪسين ڪري رهيا آھن، اسان کي هڪڙي پاسي ڪووڊ سان وڙھڻ لا سهولتون ناهن. ٻئي پاسي انتقام ۽ ڪاررواين جو نشانو بڻايو پيو وڃي، ٿر جي ڊاڪٽرن کي ڳوٺن ۾ وئڪسين ڪرڻ لا وڃڻ لا سرڪار طرفان فيول به نٿو ڏنو وڃي، ان باوجود ڪم ڪريون پيا. هنن گهر ڪئي ته ڪووڊ وئڪسين لا سموريون سهولتون ۽ ڊاڪٽر چوني لال ڪولهي کي واپس ننگرپارڪر تعلقي اسپتال ۾ مقرر ڪيو وڃي. ٻئي طرف ٿرپارڪر ضلعي جي سمورين اسپتالن ۾ ڊاڪٽرن ۽ پيرا ميڊيڪل عملي جي ڪم ڇڏهڙتال ۽ بائيڪاٽ کانپو صحت کاتي سنڌ جي اختيارين ڊاڪٽر چوني لال ڪولهي کي تعلقي اسپتال ننگرپارڪر ۾ مقرر ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو. تعلقي ڏاھلي جي سرڪاري اسپتال کيمي جو پار جي عملي ڊي سي ٿر خلاف پلي ڪارڊ ھٿن ۾ کڻي سخت احتجاج ڪيو ۽ او پي ڊي جو بائيڪاٽ ڪري نعريبازي ڪئي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close