سنڌ

اين ٽي ايس پاس اميدوارن جو نئون ديرو هائوس اڳيان احتجاجي ڌرڻو

نئون ديرو ۾ ايس ٽي ايس پاس عورت توڙي مرد اميدوارن پنهنجي ٻارڙن سان گڏجي شهيد راڻي پريس ڪلب ٻاهران احتجاجي ريلي ڪڍي نئون ديرو هائوس اڳيان احتجاجي ڌرڻُو هنيو. ان موقعي تي اڳواڻي حبيب سنڌي، مزمل شاهه، ذوالفقار ميراڻي، منصور مري، امداد ڪلهوڙو، مير غلام مرتضيٰ سميجو، طاهر ميمڻ، عبدالقادر ميمڻ، ڪاشف کوکر، پناهه ڀٽو، آفتاب چنو، عائشه ڏاهري، انيلا، شازيه، شبانه، زينت، رخسانه ۽ ٻين هٿن ۾ پينا فليڪس، پلي ڪارڊ کڻي نعريبازي ڪندا نئون ديرو هائوس ٻاهران پهچي ڌرڻو هڻي ويهي رهيا. ان موقعي تي هنن جو چوڻ هو ته گذريل 9 ورهين کان اسان احتجاج ڪري رهيا آهيون پر اسان جي دانهن ٻڌڻ وارو ڪير ناهي، جڏهن ته 2014ع ۾ هاءِ ڪورٽ به اسان جي حق ۾ فيصلو ڏنو هو ته جن به ٽيسٽ پاس ڪئي آهي انهن کي تعليم کاتي ۾ ڀرتي ڪري آفر آرڊر ڏنا وڃن. ان وقت جي تعليم واري صوبائي وزير نثار کهڙو به اسان کي آسرو ڏنو ته اوهان کي تعليم کاتي ۾ آرڊر ڏنا ويندا پر هن به واعدا وفا نه ڪيا ۽ نه وري ڪورٽ جي حڪم کي مڃيو ويو. هاڻوڪي تعليم جي صوبائي وزير سيد سردار شاهه سان ڳالهين دوران چيو هو ته اقرا يونيورسٽي، اين ٽي ايس ۽ سنڌ يونيورسٽي مان جن به اميدوارن ٽيسٽ پاس ڪئي آهي انهن کي تعليم کاتي ۾ آرڊر ڏنا ويندا پر افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته سردار شاهه به اسان کي ڪوڙا آسرا ڏنا پر هن وقت تائين اسان کي تعليم کاتي ۾ نوڪري نه ملي سگهي آهي. اسان 9 ورهين کان احتجاج ڪندا پيا اچون هاڻي ته اسان جي عمر به وڌي وئي آهي، اسان کي ٻين کاتن ۾ نوڪريون به نه ملنديون. هنن پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو، ايم پي اي فريال ٽالپر، وڏي وزير مراد علي شاهه ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو ڪيو ته اسان کي تعليم کاتي ۾ نوڪري ڏئي پيدا ٿيل بيچيني ختم ڪئي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button