سنڌ

جاتي ويجهو رهڙيا موري ڊهي پٽ پئجي وئي، سوين گاڏيون بيهجي ويون

جاتي سجاول روڊ تي رھڙيا موري اوچتو ڊهي پٽ پئجي ويئي، سجاول ۽ جاتي کان ايندڙ درجنين گاڏيون بيھجي ويون، ھوڏانھن جاتي جي شھرين ڪريم خواجا، رمضان خواجا، اشرف ٿھيم، جي ايم کٽي، علي وارث شاهه، اڪبر ھڱورو، عادل لغاري ۽ ٻين احتجاج ڪندي چيو ته او جي ڊي سي تيل ڪمپني جي ھيوي گاڏيون گذرڻ ڪري رھڙيا موري اوچتو ڊهي پئي آهي. ھنن چيو ته ھن وقت جاتي کان سجاول وڃڻ لا جاتي چوڪ کان 70 ڪلوميٽر جو فاصلو ڪري وڃڻو پوي ٿو ۽ سجاول جاتي شھر ڪاروبار متاثر ٿي رھيو آھي ھنن چيو تيل ڳولا ڪمپنين جي ڳرين گاڏين تعلقي جاتي جي ننڍين ۽ وڏين پلن کي زبون حال بڻائي روڊن، پلن جو اسٽريڪچر تباهه ڪري ڇڏيو آھي ۽ زبون حال رستن ۽ ڳوٺاڻن جي احتجاجن باوجود او جي ڊي سي تيل ڪمپني وارا زبون حال مورين جي مرمت به نٿا ڪرائين جنھن ڪري جاتي تعلقي جا ماڻھو سخت پريشان آھن. ھنن تيل ڪمپني جي اختيارين ۽ ڊي سي سجاول کان مطالبو ڪيو ته ھنگامي بنيادن تي موري نئين سر تعير ڪرائي جاتي واسين کي رستي جي بنيادي سھولت مھيا ڪئي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button