سنڌ

ميرپور بٺوري ۾ سنڌي هاري تحريڪ پاران احتجاجي ريلي

سنڌي هاري تحريڪ عوامي تحريڪ ضلعو سجاول پاران جيلاني نالي کان جاتي چوڪ مين اسٽاپ تي عوامي تحريڪ جي مرڪزي خزانچي پرويز ميمڻ، مجاهد ماليهو، غلام حسين مڱڻھار، دريا خان زئور، ساگر پرهياڙ، عزيز ميمڻ، نواز ڏيٿو، پرهه مرتضى زئور، ايوب ٻائيتار. ڪامريڊ بچل ملاح ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ سنڌ ۾ نئون صوبو ٺاهي سنڌ کي ورهائڻ جي سازش ڪرڻ جاگيرداري نامنظور ٻوڏ متاثرن کي بحال ڪرڻ ۽ سنڌ مان ڌارين کي نيڪالي ڏيڻ لا وڏي احتجاجي ريلي ڪڍي وئي. ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته سازش تحت سنڌ ۾ لکين ڌاريا آڻي کين سنڌ جون زمينون، رهائش، نوڪريون ڏئي سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪيو پيو وڃي. سنڌ سنڌين جو تاريخي وطن آھي، هنن چيو ته جاگيرداري نظام ڪري سنڌ جو هاري دربدر آھي، ڀوتارن جون لکين ايڪڙ زمينون سنڌ جي هارين کي ڏنيون وڃن، چار مهينا گذرڻ باوجود ٻوڏ متاثرن کي بحال نه ڪيو ويو آھي. سموري دنيا کان فنڊ وٺي حڪمران کائي ويا پر ٻوڏ متاثر اڃان تائين ڪئمپن ۾ کلئي آسمان ھيٺان ويٺل آھن. سنڌين خلاف سازشون بند ڪري ڌارين کي نيڪالي ڏني وڃي ۽ ٻوڏ متاثرن کي جلد بحال ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button