سنڌ

ٺٽي پوليس پاران کنڀي گم ڪيل ٻن نوجوانن جي وارثن جو احتجاج

ٺٽي پوليس پاران هفتو اڳ کنڀي گم ڪيل ٻن نوجوانن شعيب خشڪ ۽ نفيس خشڪ جو پتو نه پئجي سگهيو، نوجوانن جي وارثن وارثن آزاد ابراھيم خشڪ، ثميرا شعيب خشڪ، ممتاز خشڪ ۽ ٻين احتجاج ڪندي چيو ته ڪجهه ڏينھن اڳ پوليس جي وڏن اٽالن ڊي ايس پي جمع خان پنھور ۽ انسپيڪٽر فيصل ميمڻ جي اڳواڻي ۾ پوليس آڌي رات جو گھرن ۾ گھڙي چادر ۽ چوديواري جو تقدس پائمال ڪندي عورتن تي سخت تشدد ڪرڻ بعد شعيب خشڪ کي گھران کڻي گم ڪري ڇڏيو آھي، جڏهن ته 4 ڏينھن اڳ نفيس خشڪ جي گھر تي پوليس ۽ رينجرس چڙھائي ڪري کيس کنڀي گم ڪري ڇڏيو آھي، جنھن جو ڪو پتو پئجي ناھي سگھيو ۽ نه ئي رينجرس ۽ پوليس ڪجھه ٻڌائڻ لاءِ تيار آھي. خدشو آھي ته ڪٿي پوليس ڪوڙي مقابلي ۾ ٻنهي کي ماري نه ڇڏي. ھنن چيو ته جيڪڏھن شعيب خشڪ ۽ نفيس خشڪ تي ڪو ڪيس داخل آهي ته کين ظاھر ڪري ڪورٽ ۾ پيش ڪيو وڃي. ھنن سنڌ ھاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس، انساني حقن جي تنظيمن، آءِ جي سنڌ کان مطالبو ڪيو ته کنڀي گم ڪيل ٻنھي نوجوانن کي بازياب ڪرائي انصاف ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button