سنڌ

ڊکڻ ۾ ڳوٺاڻن جو بجلي بند هجڻ خلاف احتجاج،پوليس جي ڳوٺاڻن تي لٺبازي

ڊکڻ ۾ سيپڪو رتوديرو جي ناجائزين خلاف ڳوٺاڻن احتجاجي مظاهرو ڪري انڊس ها وي تي ڌرڻو هنيو. ڊکڻ ۾ ڳوٺاڻن واپڊا خلاف احتجاج ڪيو آهي. ڳوٺ هوتاڻي جي رھواسين رتوديرو شڪارپور انڊس هاءِ وي تي احتجاج ڪرڻ بعد سيپڪو رتوديرو خلاف مظاھرو ڪري ٽائرن کي باهيون ڏيئي ڌرڻو هنيو، سوين گاڏين جون ڊگهيون قطارون لڳي ويون، ذاڪر هوتاڻي، زبير هوتاڻي، راڻو هوتاڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪري سخت نعريبازي ڪئي وئي، ڳوٺ هوتاڻي جي بجلي 2 هفتن کان وٺي بند پيل آهي، ڳوٺ کان بجلي تارون ڪريل آهن، بجلي کان محروم آهيون، واپڊا عملي وارا ملازم تارون ٺاهڻ لاءِ تيار ناهن، جتي ڊکڻ شهر جي 2 ڪلاڪ به بجلي نٿي ھلي، بجلي جي تارن ۾ ڄاڻي واڻي فالٽ ڄاڻائي هٿرادو بجلي بند ڪئي پئي وڃي. رتوديرو واپڊا جي نااھلي ڪري بجلي جي ھٿرادو جھٽڪن سبب شهرين توڙي ڳوٺاڻن جو وڏو نقصان پڻ ٿئي ٿو، 2 ڪلاڪ مس بجلي ھلي ٿي ته ان ۾به وولٽيج گھٽ ھوندا آھن. هنن چيو ته ڳرا بل وٺڻ بعد به بجلي نٿي هلي، بجلي هلائڻ لاءِ 50 هزار رشوت گهري رهيا آهن، اسانجي ڳوٺ جي بجلي بحال نه ڪرڻ ۽ بجلي جي شهر ۾ لوڊشيڊنگ ختم نه ڪرڻ ڳوٺ ۽ ڊکڻ شهرين سان اھو سراسر ظلم ڪيو پيو وڃي. هنن چيو ته اسان جو مطالبو اهو ئي آھي ته نااھل واپڊا عملي خلاف ڪارروائي ڪري ڳوٺ هوتاڻي جي بجلي بحال ڪرڻ سان گڏوگڏ ڊکڻ ۾ بجلي جي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ ختم ڪري بجلي بحال ڪئي وڃي نه ته ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو. ان سلسلي ۾ ايس ايڇ او ڊکڻ وڪيل جعفري ڌرڻي ۾ شريڪ مظاهرين مٿان ڏمرجي پيو، مظاهرين مٿان لٺبازي شروع ڪري ڏني. مظاهرين ۽ ايس ايڇ او ڊکڻ وچ ۾ جھڙپيون مسلسل ٿينديون رهيون. هوڏانهن ٻئي پاسي رتوديرو واپڊا عملدار ڌرڻي واري هنڌ پهتا. مظاهرين کي ڳوٺ جي بجلي بحال ڪرائڻ جي خاطري ڪرائڻ بعد ڌرڻو ختم ڪري روڊ کولرايو ويو، ڌرڻي جي ختم ٿيڻ کانپوءِ ٽريفڪ بحال ٿي وئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button