مٺي: مٺي لڳ معاوضا ۽ نوڪريون نه ملڻ خلاف رهواسين ويجهيار ڊئم اڳيان ڪيترائي ڪلاڪ ڌرڻو هنيو. هنن گهر ڪئي ته زمينن جا معاوضا ڏياري انصاف ڪيو وڃي. خبر موجب مٺي ويجهو نبي سر ٿر-ويجهيار ڊئم کان ٿرڪول طرف ويندڙ درياهه واري پاڻي جي پائيپ لائين سبب متاثر ٿيندڙ زمين جا معاوضا نه ملڻ ۽ ڪمپني انتظاميا جي زيادتين خلاف مختلف ڳوٺن ويجهيار، دلن جو تڙ، سينگارو، سرادين جو تڙ، مينهل بجير ۽ ڍاڪلو سميت ڪيترن ئي ڳوٺن جي سوين متاثر ماڻهن عبدالرحمان دل، مولوي تاج محمد سومرو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ويجهيار ڊئم اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري ڪيترائي ڪلاڪ ڌرڻو هڻي ڪمپني انتظاميا خلاف نعريبازي ڪئي. ڌرڻي سبب اسلام ڪوٽ، ڇاڇرو ۽ چيلهار جو مين روڊ ڪيترائي ڪلاڪ بلاڪ ٿي ويو ۽ ويجهيار ڊئم جو مک دروازو بند ٿي ويو. ان موقعي تي ڳوٺاڻن دانهيندي چيو ته ٿر نبي سر کان ويجهيار ۽ ويجهيار ڊئم کان ڪول ايريا طرف ويندڙ پائيپ لائين جي کوٽائي سبب متاثر ٿيندڙ زمينن جا معاوضا نه مليا آهن، مقامي ماڻهن کي ڪمپني انتظاميا نظرانداز ڪري رهي آهي، ڪمپني انتظاميا من پسند ٺيڪيدار کي پائيپ لائين جي حفاظت جو ٺيڪو ڏئي ڇڏيو آهي، جيڪو اسان جي متاثر ٿيل زمين ۾ به اسان جا ماڻهو ملازمتن تي رکڻ لا تيار ناهي، پائيپ لائين جي کوٽائي وقت ڪمپني انتظاميا جيڪي به واعدا ڪيا، اهي واعدا وفا نه ٿيا، نه معاوضا مليا، نه مقامي ماڻهن کي روزگار مليو آهي. هنن چيو ته ڪمپني انتظاميا ٺيڪيدار جي زياتين جو نوٽيس نه ورتو ته احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو. هنن چيو ته ڪيترائي سال ٿيا آھن. پائيپ لائين واري زمين ٿرڪول جي ڪمپنين پنهنجي قبضي ۾ رکي آھي، پر معاوضن لا ڳوٺاڻن کي دربدر ڪيو ويو آھي، ڪمپني نوڪرين ۽ معاوضن جا اعلان توڙي واعدا ڪيا، پر هاڻ نئين ڪمپني کي ٺيڪو ڏنو ويو آھي، ڪمپني وارا متاثرن کي ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن. مطالبا نه مڃڻ تائين احتجاج جاري رهندو. هوڏانهن ٿرڪول ڪمپني ۾ لاڳاپيل ڪمپني حبڪو جي پي آر او ارباب علي سميجو ڌرڻي واري هنڌ پهچي احتجاج ڪندڙن سان ڳالهيون ڪيون ۽ ڳالهين دوران 10 ڳوٺاڻن تي مشتمل ڪميٽي جوڙي، جيڪا ايندڙ جمعي ڏينهن ٿرڪول ۾ انتظاميا سان گڏجاڻي ڪندي، اهڙي خاطري بعد ڌرڻو ختم ڪيو ويو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close